پشاور: (م ڊ) خيبرپختونخواهه ڪابينا نئين نگران وڏي وزير کان پوءِ صوبي جي 9 رڪني نگران ڪابينا به حلف کڻي ورتو آهي. گورنر حاجي غلام علي وزيرن کان حلف ورتو. حلف کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ نگران وڏو وزير جسٽس(ر) سيد ارشاد حسين شاهه به موجود هو. نگران صوبائي وزيرن جي حيثيت سان حلف کڻندڙن ۾ سيد مسعود شاهه، جسٽس(ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان ۽ سيد عامر عبدالله شاهه شامل آهن. جڏهن ته اڳوڻي اطلاعات واري وزير فيروز جمال شاهه حلف نه کنيو جيڪو بعد ۾ حلف کڻندو. تقريب ۾ چيف سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري، انسپيڪٽر جنرل پوليس اختر حيات خان گنڊاپور، انتظامي کاتن جي سربراهن سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪابينه ميمبرن طرفان حلف کڻڻ کان پوءِ صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ آئيني بحران مڪمل طور تي ختم ٿي ويو.