لڳي ائين ٿو ته، اسان جي حڪمرانن کي تاريخ مان سکڻ جي سُتي ئي پيل ناهي. اُنهن جي نظر ۾ ملڪي مفادن جو مطلب آهي پنجاب جا مفاد. ٻيا صوبا انهن جي ليکي ۾ ئي ڪونه آهن. اُڀ اکين پيو ڏسجي. بلوچستان ۾ حالتون بِنهه خراب آهن. بلوچستان جي تعلق جي تَند هن جاگرافيائي سٽاءَ سان ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي وڃي. خيبر پختونخوا ۾ پڻ حالتون حڪومتي گرفت ۾ نظر نٿيون اچن. دهشتگردن جا فورسز تي حملا جاري آهن. باقي بچيل هئي سنڌ، اُن کي به ديوار سان لڳائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي ورهاست جاري آهي. اهڙي ورهاست ڪڏهن انگريزن جي دور ۾ به جاگيرن جي صورت ۾ اهڙي فراخدلاڻي انداز ۾ نه ڪئي وئي. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو جاري آهي. سنڌ جي عوام جي اعتراضن جي باوجود تڪراري ڪينال ٺاهيا پيا وڃن. ناڻي جي ورڇ ۾ پڻ سنڌ سان ناانصافي هلندي پئي اچي. وفاقي نوڪرين جي ڪوٽا ۾ به سنڌ جا انصاف نه پيو ٿئي. هِي اُهو ئي رويو آهي، جيڪو بنگالين سان پڻ روا رکيو ويو، جنهن ڪري مجبور ٿي بنگالين نيٺ ڌار رستي جي چُونڊ ڪئي. سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي نالي ۾ پنجاب کي قبضي جي تڪڙ آهي. انهن ناانصافين خلاف سنڌ ۾ شديد ڪاوڙ آهي پر اسان جا ناعاقبت انديش حڪمران معاملي جي سنگينيءَ کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهن.
هن وقت عملي طرح آئين جي ابتڙ حڪومتي سفر جاري آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل، جيڪو هڪ آئيني ادارو آهي، جنهن جي گڏجاڻي هر 90 ڏينهن ۾ ٿيڻي آهي، پر شهباز حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي هيستائين ان اهم آئيني اداري جي هڪ گڏجاڻي به نه ڪوٺائي آهي، ڇا اهو آئين کان انحراف ناهي؟ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ يا صوبن جي وچ ۾ تڪراري معاملا نبيريا ويندا آهن پر وزير اعظم ان اداري جي گڏجاڻي نه ڪوٺائي آئين کان مُنهن موڙ ڪري رهيو آهي. نون ڪينالن جي تعمير جا فيصلا ڏاڍ مڙسي ذريعي ڪيا پيا وڃن. وڏي عرصي کان مالياتي ايوارڊ ڏنو نه پيو وڃي. آدمشماريءَ جا انگ اکر زوري مڃرائڻ واري ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي. حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي ته، وفاق جو استحڪام صوبن جي اطمينان سان مشروط هوندو آهي. صوبن جي بي اطميناني ڪنهن به ريت استحڪام نه آڻيندي. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته، ٻئي طرف وري سنڌ جا حڪمران سنڌ جي معاملن تي زباني جمع خرچ کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ ۾ ڪينالن خلاف احتجاج وڌن پيا، جن کي حڪمران جماعت جا بيان ۽ سطحي واعدا گهٽائي نٿا سگهن. سنڌ جي حڪمرانن ۽ حڪمران جماعت جي قيادت جا بيان به سنڌ ۾ آهن پر جڏهن اهي وفاقي گادي واري شهر وڃن ٿا ته انهن جي ايجنڊا ئي ٻي هوندي آهي. سڄي سنڌ “شعلا شعلا واءَ ۾، چِڻنگون چِڻنگون پَٽ” بڻيل آهي ۽ “سڻائو واءُ” لڳو ته، حڪمرانن جون سڀ اٽڪلون ڀسم ٿي وينديون. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي حڪمرانن کي به اهو واضح فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي ڪهڙي پاسي بيٺل آهن. هاڻي اگر مگر وارو وکر وڪرو ٿي نه سگهندو. هن جاگرافيائي سٽاءَ ۾ عالمي قوتن جي وڌندڙ دلچسپي ۽ مفادن کي به ذهن ۾ رکي حڪمرانن کي ڏاهپ وارا فيصلا ڪرڻا پوندا.
حڪمرانن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته، سنڌ جي عوام خوف کي فتح ڪري ورتو آهي ۽ جيڪا قوم خوف کي فتح ڪري وٺي، اُن کي ڪنهن به جبر ۽ اٽڪل سان مطيع رکي نٿو سگهجي. سنڌ جي عوام به لڳاتار جبر مان گذري خوف کي فتح ڪري ورتو آهي. هتي جي عوام آمر ضياءَ تي به اهو واضح ڪيو هو ته، “تُون هِيڻو آن هٿيارن سان” ۽ هاڻي به سنڌ جو عوام ڪنهن به جبر ۽ ناانصافيءَ کي ڪونه قبوليندو. ان ڪري انتظامي ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ سنڌ سان ناانصافين جا سلسلا ختم ڪيا وڃن.