خوف جا بنيادي ڪارڻ ۽ ان جو خاتمو

0
107

سيما چانڊيو

 اسان جنهن سماج ۾ اک کولي آهي، اسان کي نفسياتي طور تي مختلف زنجيرون وڌيون ويون آهن. جن مان هڪ زنجير خوف آهي، خوف اسان ۾ نسل درنسل ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ جيان منتقل ٿيندو پيو اچي، وڻ جو مضبوط ٽار ڪڏهن به واڍو ڪهاڙي جي هڪ ڌڪ سان ناهي وڍي سگھندو،  ان کي آهستي ڌڪ ڌڪ ڪري وڍي ڪيرائيندو آهي، ائين اسان جي ذهن کي ننڍن ننڍن مختلف خوفن ۾ جڪڙي قابو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته جسم تي ڪيل وار کان ذهن تي ڪيل وار وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي، جسم تي آيل رهڙ، زخم جو گهاءُ ڀرجي ويندو آهي، ڀڳل هڏ جڙي سڄو ٿي ويندو آهي، پر ذهن کي رسيل ڌڪ سڄي زندگي جو ناسور بڻجي ويندو آهي.

                 انسان پاڻَ پنهنجي محسوساتِ ۾ سدائين اڌورو اڻ اڻپورو رهيو آهي. ان اڻپورائپ جي خيال کي ڏھ ماڻهو منفي وٺن ٿا سمجهن ٿا، جتي ڏهه ماڻهو ان خيال کي منفي نظريي سان جاچين ٿا اُتي فقط هڪ ماڻهو مثبت ڏسي ٿو،  سوچي ٿو. جيڪي ڏھ ماڻهو منفي سوچين ٿا، اهي پنهنجي ذات کان وڌيڪ ٻين ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا. خوف جا ٻه قسم ٿيندا آهن. هڪ فطري خوف،  ٻيو تقليدي خوف. فطري خوف مثبت خوف آهي، جنهن تي هڪ پاسي اسان جو اختيار ناهي هوندو ته ٻئي پاسي ان خوف جو هجڻ اسان کي اخلاقيات، اسلاميات، سماجيات سيکاري ٿو. فطري خوف جا ٽي قسم ٿيندا آهن:

وڏي آواز جو خوف

ساھ جي رڪجڻ جو خوف

اوچائي/ بلندي جو خوف

(1)  وڏي آواز جو خوف: اسان جي سماعتن سان جڏهن به ڪو وڏو آواز اوچتو ٽڪرائبو آهي ته هڪدم خوفزده ٿي ويندا آهيون، اهو فطري خوف آهي، جنهن تي اسان جو اختيار ڪونهي ۽ اهو مثبت خوف آهي جنهن کي فطري طور تي اسان جي حفاظت لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي.

(2)  ساھ جي رڪجڻ جو خوف : هي خوف ڪيترين ئي صورتن ۾ جنم وٺندو آهي. مثال طور : بيماريءَ جي صورت ۾، بک جي صورت ۾، حادثي جي صورت ۾، حملي وغيره جي صورت ۾.

(3)  اوچائي/بلندي جو خوف : هي خوف به فطري خوف آهي، جنهن تي اسان جو اختيار ڪونهي نه ئي ان جو سمجهه علم شعور سان ڪو واسطو آهي، پنج مهينن جي ٻار کي به جيڪڏھن اوچائي طرف اڇلاجي ته خوفزده ٿي ويندو آهي.

خوف جي انهن ٽن قسم کان سواءِ جنهن به قسم جا خوف اسان جي اندر ۾  جنم وٺندا آهن، اُهي جڙتو  ۽ بناوٽي خوف آهن، جن کي گهٽ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ اسان جي اختيار ۾ هوندو آهي. خوف جو ضرورت کان وڌيڪ هجڻ بيماريءَ جي علامت آهي، جنهن کي فوبيا چئجي ٿو. خوف/ فوبيا جي پيدا ٿيڻ جا ڪجهه مکيہ سبب آهن. جن ۾ علم جو نه هجڻ، گهٽ هجڻ يا غلط هجڻ،  اهڙو خوف جيڪو علم/ڄاڻ جي ڪمي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. مثلن: رات جي اونداهيءَ ۾ اسان جي اوچتي نظر ڪنهن ڇانوَ تي پئي، اسان ان کي جن ڀوت سمجهي ورتو ۽ ٿوري دير بعد علم ٿيو ته اها پريان کان بيٺل وڻ جي ڇانوَ آهي، ته هڪدم اسان جو خوف ختم ٿي ويو، ائين گهڻا ننڍا وڏا  خوف اسان جي اندر ۾  علم / ڄاڻ جي ڪمي جي ڪري يا علم /ڄاڻ جي گھٽتائي جي ڪري يا غلط ڄاڻ / معلومات جي ڪري پيدا ٿين ٿا. خوف جو ٻيو سبب آهي تجربي جو نہ هجڻ. مثلن: ڳوٺ جو ماڻهو واٽرن/شاخن تي رکيل ڪاٺين جي پل تان تڪڙو گذري ٿو وڃي،  اُتي شهر جو ماڻهو ڊڄي بيهي ٿو رهي  يا جنهن کي موٽر سائيڪل هلائڻ نٿي اچي اهو ھينڊل پڪڙي ڊڄي بيهي ٿو رهي ۽ جيڪو موٽر سائيڪل هلائڻ جو تجربو رکي ٿو، اهو موت جي کوھ تي به هلائي  وڃي ٿو. ائين تجربي ۽ علم جو نه هجڻ يا ناقص هجڻ به خوف پيدا ڪندو آهي.

غير ضروري خوف مان مايوسي ۽ اداسي جنم وٺندي آهي، جيڪا اڳتي هلي ڊپريشن جو سبب بڻبي آهي. خوف جا مختلف قسم آهن، جن ۾ هڪ سوشل فوبيا آهي، ڪجهه ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت ( خاص ڪري چوڏنهن کان ارڙنهن سالن جي وچ ۾) بار بار پنهنجي ڪپڙن، جوتن ۽ وارن  کي ڏسندا رهندا آهن ۽ خوفزده هوندا آهن ته منجهن ڪا ڪمي رهجي وئي آهي، ٻاهر نڪرندا ته ماڻهو نوٽ ڪندا ڪجهه چوندا يا مٿن کلندا يا ٻاهر نڪري خاموش ٿي ويندا آهن،  کين خوف هوندو آهي ته هو ڳالهائي نه سگهندا اگر ڳالهائيندا ته کُلي يا سٺو ڳالهائي نه سگهندا، کين ماڻهو نوٽ ڪندا مٿن کلندا يا موڳو سمجهندا، يا ماڻهو سندن ڪم ڪار مصروفيتن، مستقبل جي پلاننگ حال جي حال بابت پڇندا. سوشل فوبيا ۾ ورتل ماڻهو اڪثر پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيندا آهن، تنهائي ۽ اڪيلائي اختيار ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪا اڳتي هلي کين ڊپريشن ۾ وٺي ويندي آهي.

خوف  جي پيدا ٿيڻ جي سببن ۾ ننڍپڻ ۾ ٿيل ڪو اهڙو واقعو يا ڪو اهڙو حادثو جنهن ۾ اڌ ڪلاڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ذهن جڪڙيل هجي، خوف جي ڪيفيت تاري رهي هجي اهڙو خوف اڳتي هلي ذهن تي اثر انداز ٿيندو آهي. خوف/ فوبيا جي پيدا ٿيڻ جي ٻين سببن ۾ گهريلو ماحول جو ناخوشگوار هجڻ / گهڻن ٻارن هجڻ ڪري ڪنهن کي وڌيڪ ڪنهن کي گهٽ پيار ملڻ / والدين جي توجهه ڌيان نه هجڻ/ گهڻي دير ٽي وي يا موبائيل جو استعمال ڪرڻ / ضرورت کان وڌيڪ اڪيلو رهڻ بہ شامل آهي. خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ علم ۽ تجربي جو هجڻ  ضروري آهي، جنهن به شئي يا ڪم کان خوفزده آهيو، ان متعلق مڪمل ڄاڻ علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان ڪم/ شئي جي ويجهو وڃڻ ان جو تجربو ڪرڻ ضروري آهي، اسان  جيستائين پنهنجي اندر جي خوف کي ختم نٿا ڪري سگهون، تيسيتائين ڪاميابي ناممڪن آهي، ڪاميابي لاءِ ناڪامي تمام ضروري آهي، ان ڪري هڪ ڀيرو ناڪام ٿي خوفزده ٿي ويهي رهڻ  ذهني ڪمزوري آهي.

اسان جي گاڏي جو هڪ دفعو ايڪسيڊنٽ ٿيو اسان زخمي ٿياسين ته ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته اسان گاڏي ۾ چڙھڻ ڇڏي ڏيون نه ئي هر ڀيري ايئن ٿي سگهي ٿو، ائين زندگي جي ٻين تجربن م به اگر اسان ناڪام ٿيون ٿا ته خوفزده ٿي رڪجڻ بجاءِ انهن کي ٻيهر دهرايون ۽ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون، ناڪامي ڪاميابي جا گُڻ سيکاريندي آهي. اوهان پاڻ، اوھان جو دوست رشتيدار، گهر جو ڀاتي يا اوهان جو ٻار غير ضروري خوف ۾ ورتل آهي ته ان کي بزدلي موڳائپ اٻوجهائپ جو طعنو ڏيڻ يا ان کي ان ڪيفيت م اڪيلو ڇڏي ڏيڻ بجاءِ ان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪريو تہ جيئن هو پنهنجي انهن لڪل صلاحيتن کي استعمال ڪري سگهي، جن کان هو  پاڻ به اڻ واقف ھوندو آھي.