آئرشائر(انٽريسٽنگ نيوز) اسڪاٽ لينڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ روڊن رستن تي گهمندڙ خوفناڪ جوڪر دهشت جي علامت بڻجي ويو. پوليس لاءِ گرفتاري چيلينج بڻيل رهي. جوڪر هالي ووڊ جي فلم “اٽ” جي ڀوائتي ڪردار پيني وائز جو روپ ڌاري ورتو آهي. هو نارٿ آئرشائر جي علائقي اسڪليمورلي ۾ (پيني وائز) جي ڪاپي ڪندي ڳاڙها ڦوڪڻا هوا ۾ اُڏائي رهيو آهي. پاڙي جي اونداهين گهٽين ۾ گهمندي جوڪر جون تصويرون ۽ وڊيوز به اپ لوڊ ڪيون ويون بعد ۾ اهي سوشل ميڊيا تان ڊليٽ ڪيون ويون. جوڪر طرفان اپ لوڊ ڪيل هڪ وڊيو ۾ جوڪر شاعراڻي انداز ۾ چوي ٿو ته ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، ڇا مون کي پنهنجي گهٽيا مسڪراهٽ سان گڏ ڪيميرائن لاءِ مسڪرائڻ گهرجي؟ هڪ مقامي شهري ٻڌايو ته جوڪر پنهنجي پوئين پوسٽن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ جو اهي ڪافي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيون هيون. جوڪر جو اهڙو عمل انتهائي احمقاڻو هو.