راڻيپور (ن پ ا) آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ راڻيپور ويجهو ڳوٺ بلاول ڪلهوڙو پهچي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ پھرين پوزيشن ماڻيندڙ 192 مارڪون کڻندڙ ساگرد مزمل احمد عباسي کي واڌايون ڏنيون ۽ ايوارڊ سان نوازيو، ان موقعي تي وائيس چانسلر چيو ته خوشي ٿي آھي ته پوئتي پيل ڳوٺن جي نوجوان پنهنجي محنت سان پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي آھي، اسان سندس حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پهتا آهيون، هن چيو ته اسان بهتر انداز ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ڪرائي، جيڪا ڪامياب رهي، نوجوان پهنجي محنت سان سچل سرمست ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ روشن ڪيو، شاگرد مزمل عباسي چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته وي سي اسان جي ڳوٺ آيو، منهنجي ڪاميابي والدين ۽ استادن جي ڪاميابي آھي.