ٺاروشاھه(ن پ ا) ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ طـاھر اڄڻ ۾ فوت ٿيل نوجوان جي تڏي تي تعزيت لاءِ ايندڙن پاران ڪيـنال سمورا نامنظور جي نعرن جـي گونج شادي رسمن سنت طھـر ۽ ڇٺين جي پروگرامن بعد ھاڻي تعذيتي تڏن تي بـ ڪينالن خلاف نعريبازي جو سلسلو جاري آھي ڳوٺ طاھر اڄڻ ۾ زراعت کاتي جي پورھت اڳواڻ ڪامريڊ ملوڪ اڄڻ جي فوت ٿيل ڀاءُ طاھر اڄڻ جي تعذيتي تڏي تي تعذيت لاءِ آيل رھواسين پاران قومي گيت ڳائي ڪيـنالن خلاف نعريبازي ڪئـي ان موقعي تي ڪامريڊ ملوڪ اڄڻ جانيئڙو سنڌي ۽ ٻين چيو ته خوشي جي تقريبن شادين مرادين بعد ھاڻي تعذيتي تڏن تي پڻ ڪيـنالن خلاف نعريبازي ڪري احتجاج ڪيا ويندا سنڌو درياء تي ڪو بـ ڪينال قبول نـ ڪيو ويندو جيسين تائين وفاقي حڪومت اعلان واپس نـ وٺندي تيسين تائيـن سنڌ جي ھر پروگرام ۾ ڪينالن خلاف احتجاج جاري رھندو .