لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ آل رائونڊر خوشدل شاهه نيوزيلينڊ ۾ شوقينن سان ويڙهه جي راز تان پردو کڻي ڇڏيو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ خوشدل شاهه فينز طرفان پرچي سڏڻ تي چيو ته مان نه ڪنهن ڪرڪيٽر جو پٽ آهيان، نه سياستدان جو مائٽ، نه وري ڪو ٻيو مٽ مائٽ آهي جنهن مون کي هتي پهچايو آهي.هن چيو ته مان عام گهراڻي سان واسطو رکان ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجي گذريل ڪارڪردگي ڏسڻ گهرجي، مان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ محنت ڪئي آهي، ڪنهن ڪرڪيٽر سان سياستدان جو مائٽ ناهيان جو مون کي پرچي چيو وڃي. سندس چوڻ هو ته نيوزيلينڊ ۾ تماشائي گاريون ڏئي رهيا هئا، مان سالن کان برداشت ڪري رهيو آهيان پر جڏهن ڳالهه منهنجي والدين يا ملڪ جي هجي ته چُپ نٿو رهي سگهان، ٻيهر ڪنهن ائين ڪيو ته به اهڙو ئي ردعمل ڏيندس.