جيڪب آباد(ن پ ا)وفاقي وزير ريلوي پاران پنجن سالن کان بند ٿيل خوشحال خان خٽڪ ٽرين بحال،پهرين ڏينهن ئي ٽرين جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي،ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو،سنڌ ۾ مها برساتي ٻوڏ جي ڪري وفاقي حڪومت پاران 2020 ۾ ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ٽرين بند ڪئي وئي هئي، جنهن بعد پنجن سالن بعد خوشحال خان خٽڪ ٽرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشخال خٽڪ ٽرين جيڪب آباد جي چنا محلي وٽ پهرين ڏينهن ئي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي، جنهن ڪري ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته ريلوي اختيارين پاران هڪ ڪلاڪ ۾ ٽرين کي بحال ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. جيڪا ٺل جي اسٽيشن تي ٽرين پهتي ته شهرين وڏي انگ ۾ پهچي ٽرين جو استقبال ڪيو.