خوشامد جي رواج واري نفسيات

0
149
خوشامد جي رواج واري نفسيات

 فارسي چوڻي آهي ته “خوشامد درآمد” يعني خوشامد سان ئي “آمد” يعني فائدو آهي. خوشامد لفظ اسانجي سنڌي سماج ۾ “چاپلوسي” ڪرڻ جي حوالي سان وڌيڪ سُڃاتو وڃي ٿو ۽ سماج اندر پنهنجي سٺي جاءِ به ٺاهي ويو آهي!.. پراڻي دور ۾ بادشاھ پنهنجي خوشامد ۽ چاپلوسي لاءِ وڏا وڏا مسخرا رکندا هئا، جيڪي رات ڏينهن بادشاھ ۽ اشرافيه کي خوش ڪرڻ لاءِ پيا ڀوڳ ۽ چرچا ڪندا هئا، جنهن تي بادشاھ خوش ٿي انهن کي انعام ۽ اڪرام سان نوازي ڇڏيندو هو! هن نئين دور ۾ به اهو طريقو ختم ناهي ٿيو، بلڪه هڪ نئين انداز سان هلي پيو آهي يا هلي رهيو آهي. جڏهن هڪ پاسي ملڪ ۾ هر طرف مارا ماري لڳي پئي آهي، بي روزگاري عام آهي، جيئڻ وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي، ڌاڙا، ڦُرون ۽ اغوا معمول بڻيل آهن، ادارا گورنمينٽ کان ملندڙ گرانٽ بنا اوڳرائي ڏيڻ جي کايو وڃن، پوليس، صحت ۽ تعليم کي ملندڙ ڳرا فَنڊ رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاريا پيا وڃن، باقي ڪم ڪِٽلي لڳو آهي. ڏاڍ ته اهو آهي جو اسڪولن ۽ ادارن لاءِ بينچن ۽ ڪرسين لاءِ ملندڙ رقم (فنڊ وغيره) ڪامورا پنهنجي کيسن ۾ وجهي گهمن پيا. شاگرد پَٽ تي ويٺا تعليم پرائي رهيا آهن. استاد اڳواڻن جي حالت به خراب آهي. پنج هزار جي ملندڙ بينچ جي رسيد تي 25 هزار لکيل آهي ۽ ٻه هزار ۾ ملندڙ ڪرسي ڏهن هزارن جي آهي! وزٽ ۽ گَشت جي لاءِ مليل گاڏيون آهن ته سرن ۽ بلاڪن تي بيٺل، مگر انهن جي صرف ٻارڻ (تيل) جي رقم هر مهيني ڪروڙين رپيا ٺهي ٿي  ۽ اها ادارن يا سرڪار کان اوڳاڙي به وڃي ٿي. نَون ٺهيل روڊن ۾ ڀلي کڏا ۽ کوٻا پيل هجن، يا گاڏيون اتان پئسه وٺي گذاريون وڃن ۽ نتيجي طور اُهي ڇَهن مهينن ۾ ناڪاره بڻجيو وڃن. ان ۾ٺيڪيدار جو ڪو قصور ڪونهي. ڇو ته انهيءَ حمام ۾ سڀ هڪجهڙا آهن. جت کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگي ٿيڻ جي لالچ ۾ لڪائي رکيون وڃن، هڪ مهانگيون ٻيو مُدي خارج ۽ ٽيون  ملاوٽ شده. زندگي بچائڻ جون دوائون به ٻه نمبر ٺهن ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو به ٿيو وڃن. ماڻهو بُک مرندا پيا هجن،  ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا پيپر مخصوص ڊيٽ (تاريخ) کان اڳ آئوٽ ڪيا وڃن، ڪميشن ۾ فيل اميدوارن کان پئسا وٺي انهن کي پاس ڏيکاريو وڃي ۽ پاس اميدوارن کي فيل ڄاڻايو وڃي، ان دوران ڪامورن ۽ اشرافيه جي ڪن تي جونءَ به نه سُري. ڪامورا ۽ حڪومتي ڪرتا ڌرتا “سڀ ٺيڪ آهي” جو راڳ آلاپي پنهنجو فرض پورو ڪريو ڇڏين. پوءِ پنج ئي  آڱريون برابر هجڻ وارو محاورو وساري ئي ڇڏجي ٻيو نه.! ڇو ته اهي ننڍيون وڏيون آڱريون کائڻ مهل هڪ جيتريون ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ گيھ کي ٽيڙين آڱرين سان ڪڍي کايو کپايو ويندو آهي!

هاڻي اچجي ٿو جوڌن جوانن جي پاڻ کان وڏن آفيسرن جي چاپلوسي ڪري يا پئسا ڀري انهن کان اعليٰ عهدا وٺڻ جو مرحلو ته ڪيئن نه سڻڀن عُهدن جي حاصلات لاءِ اُهي ڪٿان ڪٿان فون ڪرائيندا آهن، ڪٿان ڪٿان سفارشون ڪرائيندا آهن، ڪٿان ڪٿان آفيسرن جو فرمائشون پوريون ڪندا آهن. ڪيئن عهدي جي لاءِ اِهي ”شينهن جوان“ گدڙ بڻجي انهن جا پير پڪڙي ويهي رهندا آهن ته ڪنهن به قيمت تي انهن کي اها پوسٽ ڏني وڃي! پوسٽ يا عهدو ملڻ کانپوءِ اُهي جوڌا جوان هيڻن تي جيڪي هلان ڪندا آهن يا رڻ ٻاري پنهنجي نام نهاد قابليت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سو به انيل ڪپور جي ڪنهن فلم جي سين جهڙو هوندو آهي.. سندن رَويا ۽ لهجا (سيٽ ملڻ کانپوءِ)رات پيٽ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. پراڻن دشمنن کان پلاند ڪرڻ لاءِ سرڪاري مشينري جو استعمال، غلط رپورٽنگ (ڪاغذي ڪارروائي) ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، حلال حرام سڀ سندن لاءِ هڪ جهڙو بڻجي ويندو آهي. سندن عادتون، لهجا ۽ رَويا پل ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. پنهنجي تعريف پاڻ ڪرائڻ لاءِ مخصوص واٺا کين هر وقت نيڪ ڪري پيش ڪندا آهن، پراڻيون ياريون دوستيون، واعدا ۽ مائٽيون پئسن جي ساهمين ۾ توريون وينديون آهن. هجن ئي پئسا ته سِيٽ ۽ عهدو به توکي ملي، نه ته ڪُنڊ وٺي رڙهي پوءِ ڀلي ڪيڏو به قابل ۽ لائق ڇو نه هجي.

قصو اِتي ڪوتاھ نه ٿو ٿئي، سوشل ميڊيا جي ذريعي به اُن “بوگس” باس کي عظيم، مَهان ۽ وڏو ڪرڻ جي لاءِ خوشامدي جوڌن جا جٿا لهي پوندا آهن، جيڪي ان ڪرپٽ، پئسا ڀري ورتل ڪرسيءَ جي ڪاموري کي پَر هڻي اُڏائيندا آهن! ڇو ته انهن واٺن کي ان کان پنهنجا ڪم به ته ڪڍائڻا هوندا آهن. سوشل ميڊيا تي صاحب جي اڃان پوسٽ آئي ناهي، خوشامدڙين جي واتان واھه واھ جي گِگ وهڻ شروع ٿي ويندي آهي. سَوين ڪمينٽس هزارين لائڪس صاحب کي ڄڻ ته ستارن جي دنيا ۾ پهچائي ڇڏيندا آهن. اهو صرف هڪ يُوسي، تعلقي، ٽائون يا ضلعي جو الميو ناهي، بلڪه پورو ملڪ ان ناسُور ۾ ورتل آهي. سرڪاري سفارشن تي آيل ڪامورن جي جهڙي طرح انهن جا ماتحت واھه واھ ڪندا آهن، تئين تَر جا پير، مير، وڏيرا ۽ سياسي ڀوتار به پنهنجي ونگاري ماڻهن کان پيا پنهنجي تشهير ۽ واهه واھ ڪرائيندا آهن. دنيا جي اعليٰ ترقي يافته ۽ علم ۽ شعور سان آراسته ملڪن ۾ اهڙو ڪجھ به نه آهي، جيڪو رواج اسان وٽ آهي. ڪنهن کي به سفارش يا سياسي پسند تي  مليل سيٽ يا ڪا سڻڀي پوسٽ ڇا ملي، ان لاءِ گُلن جا هار کنيو بيٺا هوندا آهيون. ڪو نئون آفيسر اچي به ته ان لاءِ ملڻ ۽ سيلفي ڪڍرائڻ ۾ سڀ کا اڳيان بيٺا هونداسين. بدلي ۾ هڪ برياني جي شاپر تي ئي خوش ٿي وينداسين. اڳي ماڻهن کي پيڙيو ويندو هو، هاڻي ذهنن کي پيڙي ان جي چَٽڻي بڻائي ويندي آهي. هڪ ماڻهو ايندو آهي، چئن پنجن سالن لاءِ پوسٽ تي ويهندو آهي ته ان جي بدلي (ٽرانسفر) ٿي ٻي جاءِ تي وڃڻ تائين ان جي حمايت ۾ رڳو سکڻا نعرا هڻنداسين، اها جهالت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هي  لاعلمي جي ڪهڙي حَد آهي؟ جنهن طرف اسانجي ڪڏهن سوچ به ناهي وئي. نسلن جا نسل رڳو خوشامد ڪرڻ ۾ گذري ويندا آهن مگر اسان جي تقدير ناهي بدلجندي. بس جنهن جي بدلي ۾ هڪ اڌ سڻڀي يا سڻڀي نوڪري تي باغ بهار ٿي ويندا آهيون. مقابلي جي لاءِ ڪڏهن پاڻ کي تيار نه ڪنداسين، صبح شام بنگلن جي حاضري پيا ڀرينداسين، پاڻ ته غلامي ۽ چاپلوسي پيا ڪنداسين مگر پنهنجي نسلن کي به اهو ڏَس ڏينداسين. هاڻي ته حالت اها آهي ته پنهنجي معصوم نياڻين کي پيراڻين حَويلين ۾ بگهڙ پيرن وٽ ڇڏي ايندا آهيون! اهو سوچي ته پير اسانجي نياڻيءَ کي نوڪري ڏياريندا يا پنهنجي حويلي ۾ رکي ان کي ان جي محنت جي اجورو ڏيندا. مگر موٽ ۾ اها نياڻي انهن ئي وحشي پيرن جي حَوس جو نشانو ٿي ماري ويندي آهي يا گُم ڪئي ويندي آهي.