سکر (بيورو رپورٽ) خيرپور واسي بورچي پاران سيد خورشيد شاهه مٿان 150 ديڳيون پچائڻ جي مزدوري نه ڏيڻ وارو معاملو، بورچي امان الله منگي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ خورشيد احمد شاهه نوٽيس ورتو، اِن بعد امان الله منگي جون ٻه وڊيو سامهون آيون آهن، جنهن مان هڪ وڊيو ۾ بورچي امان الله منگي جو چوڻ آهي ته مون کي 60 هزار مزدوري ملي وئي آهي، سيد خورشيد شاهه جو ٿورائتو آهيان جنهن جي ڪري مزدوري ملي، ٻئي وڊيو ۾ هن جو چوڻ هو ته مون کي پئسا مليا هئا، خورشيد شاهه پٽ کي پئسا ڏنا هئا هن مون کي نه ٻڌايو هو، منهنجي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پٽ فون ڪري ٻڌايو ته پئسا ملي ويا آهن، خورشيد شاهه جي وڏي مهرباني پئسا ملي ويا آهن، اِن ان اڳ بورچي امان الله منگي وڊيو بيان ۾ سيد خورشيد احمد شاهه جي صالح پٽ واري فارم هائوس تي 150 ديڳيون پچائڻ جا پئسا نه ملڻ جو الزام مڙهيندي چيو هو ته هن وقت تائين پئسا ناهن مليا، اُتي چڪر ڪاٽيا آهن.