سکر (بيورو رپورٽ)  اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي احتساب عدالت سکر ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ريفرنس ۾ شامل وڌيڪ 2 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. ٻڌڻي دوران سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻيا عدالت م پيش ٿيا، جنهن عدالت شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سيد خورشيد احمد شاهه جي ريفرنس ۾ اڳوڻو ايم پي اي اويس قادر شاهه، اڳوڻو ايم پي اي فرخ شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.