سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت خوراڪ کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر نصر الله چانڊيو، الطاف مگسي، علي رضا ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ون جي جج غلام ياسين ڪولاچي پاران ڪڻڪ جي ميگا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدارن جا وڪيل توڙي نيب پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ جوابدارن ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب خوراڪ کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ 5 ارب 74 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ، رقم جمع نه ڪرائڻ ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ خلاف نيب پاران ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، سال 23/2022ع ۾ نيب سکر پاران خوراڪ کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪري اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو نصر الله چانڊيو، ڊي ايف سي الطاف مگسي، علي رضا، امان الله خان، سردار مستوئي، بشير احمد، عمران خان، فياض مغيري، غلام سروس، نادر مگسي، سجاد علي جروار، نديم ظفر، خالد حسين، جلال مصطفي سميت 21 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو.