ڪراچي(رپورٽ : شاهد ميراڻي) سنڌ خوراڪ کاتي وٽ ڪاغذن ۾ 13 لک ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود، هر ٽن مهينن ۾ ٿيندڙ فزيڪل ويريفڪيشن 10 مهينا گذرڻ باوجود به نه ٿي سگھي، خوراڪ کاتو فلور ملن کي جاري ٿيندڙ ڪڻڪ جي رليز پاليسي تي عمل ۾به ناڪام، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ خوراڪ کاتي کي پاليسي موجب هر ٽن مهينن ۾ صوبي جي سمورن سرڪاري گدامن ۾ ذخيرو پيل ڪڻڪ جي فزيڪل ويريفڪيشن ڪرائڻي هوندي آهي، فيبروري 2024 کان وٺي هن وقت تائين 10مهينن ۾خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران فزيڪل ويريفڪيشن نه ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته فيبروري مهيني ۾ نگران حڪومت پاران ڪرايل فزيڪل ويريفڪيشن دوران صوبي جي سرڪاري گدامن ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن (50 لک ٻوريون) اسٽاڪ پيل هيون. اپريل مهيني ۾ نئون فصل لهڻ بعد خوراڪ کاتي پاران 8 لک ميٽرڪ ٽن (80 لک ٻوريون) ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، خوراڪ کاتي جي ريڪارڊ موجب سندن گدامن ۾ هن وقت 13 لک ميٽرڪ ٽن يعني هڪ ڪروڙ 30 لک ٻوريون ڪڻڪ اسٽاڪ پيل آهي. ذريعن موجب سرڪاري گدامن مان مختلف وقتن تي ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ جا انڪشاف ٿيندا رهن ٿا، جنهن سبب خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران وڌيڪ ڪڻڪ غائب هجڻ جي خدشي سبب فزيڪل ويريفڪيشن نه پئي ڪرائي وڃي. هن وقت رڳو ڪاغذي رڪارڊ موجب ئي ذخيرو پيل ڪڻڪ جو اسٽاڪ ٻڌايو پيو وڃي. ٻئي پاسي سنڌ سرڪار پاران فلور ملن کي سبسڊي ريٽ تي ڪڻڪ جاري نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ڪا پاليسي جوڙي وئي آهي. جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي اچي نه سگهي آهي.
ملز کي سستي ڪڻڪ ڏيڻ جو اختيار ڪابينا کي آهي: ڊائريڪٽر فوڊ
ڪراچي: خوراڪ کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر محمد حسين لنڊ ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فلور ملز ۽ چڪين کي سستي اگهه ڏيڻ واري پاليسي جوڙڻ جو اختيار خوراڪ کاتي بجاءِ سنڌ ڪابينا کي آهي، انهي ڪري هن وقت تائين ڪڻڪ رليز پاليسي پڌري ناهي ٿي، هن چيو ته اسان سنڌ ڪابينا کي فلور ملز ۽ چڪين کي سستي ڪڻڪ ڏيڻ جي سفارش اماڻي آهي. سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ممڪن آهي ته ڪڻڪ رليز پاليسي بابت فيصل ٿي وڃي هن چيو ته فلور ملن کي رليز ٿيندڙ ڪڻڪ جا اگھه به سنڌ ڪابينا ئي طئه ڪندي. هن چيو ته گدامن ۾ذخيرو پيل ڪڻڪ جا انگ اکر ياد ناهن، انهي ڪري ٻڌائي نه ٿو سگھجي ته سنڌ حڪومت وٽ ڪيتري ڪڻڪ ذخيرو پيل آهي؟
|
ڪڻڪ اسڪينڊل جي مک ڪردارن پاران پاڻ بچائڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ شروع
ڪراچي: خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ واري اسڪينڊل جي مک ڪردارن پاڻ بچائڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ تازو ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ برطرف ٿيل ٻن فوڊ سپروائيزرن ۽ فائنل شوڪاز هيٺ آيل 16 عملدارن پاڻ بچائڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي.