شھدادڪوٽ( رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار )  خوراڪ کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪڻڪ جون لکين ٻوريون غائب هئڻ بابت نيب جاچ ڪري رهي آهي، نيب سکر سپاف ضلعي صدر سميت 26 ڄڻن کي 3 جنوري تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا پر ڪير به نه ويو، جڏهن ته نيب سکر جي ٽيم ٻن واپارين ۽ شهدادڪوٽ ۽ هڪ واپاري کي حيدرآباد مان مبينا طور کڻي وئي آهي. ان ڏس ۾ نيب سکر پيپلزپارٽي سپاف جي صدر صدام سومرو کي ليٽر جاري ڪندي 3 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. هوڏانهن نيب سکر پاران 6 ارب روپين ڪڻڪ جي مد ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ لاءِ 26 رائيس ملز جي مالڪن ڏانهن نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. الطاف سيلرو رائيس مل، لڪي رائيس مل ، ممتاز رائيس مل ، مولا بخش رائيس مل، علام حيدر رائيس مل ، گولڊن رائيس مل مالڪن سميت 26 مل مالڪان شامل آهنسپاف ضلعي قمبرشھدادڪوٽ جي صدر صدام حسين سومرو ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته مون ھڪ ڪروڙ 25 لک روپين جو ڪڻڪ خواراڪ کاتي کي ڏنو ھيو سوا ڪروڙ روپين جي ڪڻڪ جون رسيدون مون وٽ پيل آهن . ھن چيو ته مون کي نيب جو نوٽيس نه مليو آهي باقي سوشل ميڊيا تي اھڙي نيب جي نوٽيس جاري ٿيڻ جي خبر پئي آهي . صدام سومرو چيو آهي ته مان اڄ پنهنجي وڪيل معرفت نيب سکر وٽ پيش ٿيندس .نيب سکر جي ٽيم آفتاب سيلرو ۽ عمران ڪمبوھ کي شھدادڪوٽ  مان 10 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو، جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ حيدرآباد مان به واپاري عبدالغفار بروھي کي گرفتار  ڪيو ويو