ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ گھوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جا 2 فوڊ سپروائيزر برطرف، ڪشمور ۽ قمبر ضلعن جا 9 گريڊ جي 16 ملازمن کي ڪڻڪ خريداري ۽ غائب ڪرڻ جي الزامن هيٺ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي اربين رپين جي ڪڻڪ غائب ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي، گھوٽڪي جي فوڊ سپروائيزر سڪندر حيات ٻرڙو کي سال 2017_18ع ۾ ڪڻڪ خريداري سينٽر پي ڪي مزاري،  سال 2019_20ع ۾  ڊيرا احمد علي ۽ داد لغاري سينٽرن مان 3 ڪروڙ 44 لک رپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي برطرف ڪيو ويو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي رحمت پور خريداري سينٽر مان سال 2017_18ع ۾ ڪڻڪ غائب ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل 9 گريڊ جي فوڊ سپروائيزر گُل محمد سومرو کي پڻ برطرف ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته ڪشمور ضلعي ۾ سرڪاري ڪڻڪ غائب ڪندڙ گريڊ 9 گريڊ جي فوڊ سپروائيزرن هدايت الله ڀنگوار، ڇٽو جکراڻي، محمد ايوب بجاراڻي ۽ ذوالفقار کوسو، لاڙڪاڻي ضلعي مان ڪڻڪ غائب ڪندڙ فوڊ سپروائيزر طفيل احمد ڀٽو کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سکر ۾ مقرر فوڊ سپروائيزر عصمت الله لانگاهه  مٿان به ڪروڙين رپين جي ذخيرو پيل ڪڻڪ غائب ڪرڻ جو الزام هيٺ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح قمبر ضلعي ۾ ڪڻڪ غائب ڪندڙ فوڊ سپروائيزرن اعجاز مگسي، شهباز ميمڻ، علي رضا بروهي، عمران ڪنبوھه، فياض مغيري، سرور مگسي، واجد  مغيري، سجاد جروار، اجلال مصطفيٰ مگسي ۽ رضوان پيچوهو کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ڪڻڪ جي فزيڪل ويريفڪيشن جا اعلان هوا ۾ اڏامي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ سرڪاري گدامن تي ذخيرو پيل ڪڻڪ جي فزيڪل ويريفڪيشن لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٽيمون قائم ڪيون ويون پر هن وقت تائين صوبي جي سرڪاري گدامن ۾ ذخيرو پيل ڪڻڪ جي موجوده ذخيري جا صحيح انگ اکر اختيارين کي نه ملي سگھيا آهن. مليل ڄاڻ موجب  خوراڪ کاتي جا ڊي ايف سيز توڙي گدامن جا انچارج بدلي ٿيڻ بعد ڪڻڪ ذخيري جا صرف لکت ۾ انگ اکر نئين مقرر ٿيندڙ آفيسر حوالي ڪري ويندا آهن. جنهن ڪري گدامن مان ڪڻڪ غائب ٿيڻ بعد اعليٰ اختيارين کي ڪڻڪ غائب ڪندڙ آفيسرن يا عملدارن جو تعين ڪرڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي.

 

نوشهري فيروز ۾ ڊي ايف سي طور مقرر اي ڊي ايف سي عرفان جوکيو گهر ڀيڙو

ڪراچي: نوشهري فيروز ۾ ڊي ايف سي واري عهدي تي مقرر اي ڊي ايف سي عرفان جوکيو کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.