خودڪش حملو دهشتگردن جي بدليل حڪمت عملي جو پيغام آهي

0
41
.... وري کنڊ جو بحران!....

ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪجهه وقت جي ٺاپر کانپوءِ وري تيزي اچڻ شروع ٿي آهي. خاص طور تي خودڪش ڌماڪن جو سلسلو وري شروع ٿيو آهي، جيڪا هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي، جنهن مان ائين لڳي ٿو ته دهشتگرد قوتون وري حڪمت عملي تبديل ڪري خودڪش حملن تي لهي آيون آهن. اهڙو ئي تازو حملو ڪالهه خيبرپختونخوا جي ضلعي نوشهره جي اڪوڙا خٽڪ واري حقانيه مدرسي ۾ ٿيو آهي. ڌماڪي ۾ مدرسي جو نائب مهتمم مولانا حامد الحق حقاني، ان جي ننڍڙي پٽ عبدالحق ثاني ۽ ڀائيٽي سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته زخمين جو تعداد 20 کان مٿي رپورٽ ٿي رهيو آهي. زخمين ۾ گھڻن جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ جي ڪري مارجي ويلن جو تعداد وڌي سگھي ٿو.

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا مختلف وقتن تي ٿيندا رهن ٿا پر خيبرپختونخوا سمورن صوبن کان اڳتي آهي. صوبائي حڪومت جي نااهلي جي حوالي سان ڪي به ٻه رايا ناهن. صوبائي حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ايتري قدر جو ان تي ويڙهاڪن جي سهولتڪاريءَ جا الزام به لڳندا رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ ڪي پي ڪي حڪومت طرفان پنهنجو وفد افغانستان موڪلڻ جو پڻ اعلان ڪيو هو، جنهن مان پڻ اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته صوبائي حڪومت مرڪزي پاليسين کان وٿيرڪي  بيٺل آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته دهشتگردي ماضي جي رياستي پاليسين جو نتيجو آهي، جنهن کي اڃا تائين هي ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت دوران هزارين کٿابين کي افغانستان جي جيلن مان ڪڍرائي هتي جي راهداري ڏني وئي. اهي دهشتگرد هن ملڪ جي انتظاميه ۽ فورسز لاءِ مسئلو بڻيل آهن. ان کانسواءِ هن ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو نرسريون قائم آهن، جتان دهشتگرديءَ لاءِ افرادي قوت فراهم ٿيندي رهي آهي ۽ اسان اڳ ۾ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جيستائين دهشتگرديءَ جو نرسريون ختم نٿيون ٿين تيستائين دهشتگرديءَ خلاف ڪا به جنگ، ڪو به آپريشن ڪامياب نٿو ٿي سگھي. اڪوڙا خٽڪ وارو واقعو ظاهر ڪري ٿو ته مولانا حامد الحق کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي. ڪيتري ئي وقت کان اهي ڳالهيون عام هيون ته افغان طالبان ۽ حقانيه مدرسي ۾ اختلاف وڌي ويا آهن پر نه صوبائي حڪومت ان کي سنجيده ورتو ۽ نه ئي مرڪزي حڪومت ان اهم معاملي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. هن وقت خود افغاني طالبان جي وچ ۾ به اختلافن جون خبرون اچي رهيون آهن. انهن جا ڪيترائي اڳواڻ افغانستان ڇڏي ٻاهر ويل آهن. اڪوڙا خٽڪ واري واقعي مان اهو پڻ اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان دهشتگرديءَ جي سهولتڪاري ‘اندران’ ٿي آهي. مدرسي جي سيڪيورٽي لاءِ 17 اهلڪار مقرر هئا، جڏهن ته مولانا حامد الحق جي سيڪيورٽي لاءِ 6 اهلڪار مقرر ٿيل هئا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته 23 اهلڪارن جي موجودگي جي باوجود خودڪش بمبار آخر ڪيئن مولانا حامد الحق تائين پهتو؟ اهو چڪاس جي ڪنهن به مرحلي مان ڇو ڪو نه گذريو.

ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته اسانجو ملڪ عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. ان حوالي سان مختلف ويڙهاڪ گروپ به استعمال ٿي رهيا آهن. جيئن ته سڀاڻي رمضان المبارڪ جو مهينو به شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ تراويحون ۽ ٻيا مذهبي اجتماع ٿيندا. هن ملڪ جي امن ۽ سلامتي سان وير رکندڙ قوتون پنهنجن مذموم مقصدن جي تڪميل لاءِ ڪا رتوڇاڻ ڪري سگھن ٿيون. انڪري حڪومت کي سيڪيورٽي جي حوالي سان سخت اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته دهشتگرديءَ کي سنڌائتو ڌڪ هڻجي. نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي. دهشتگردي عالمي مسئلو آهي ۽ ان ۾ عالمي نيٽ ورڪ ملوث آهن، انڪري ان جي خاتمي لاءِ جامع رٿابندي ٿيڻ گھرجي. خيبرپختونخوا حڪومت جي نااهلي ته ثابت آهي، ان کان پڻ ان جو سخت پڇاڻو ٿيڻ گھرجي. باقي هر ڀيري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ وارا بيان ٻڌي ٻڌي عوام ٿڪجي پيو آهي.