بدين(رپورٽر) بدين جي نوجوان اياز جوکيو واري معاملي تي ميڊيا جي ڪوششن باوجود اسماعيل راھو، اسلم راھو يا راھو فيملي پاران پنھنجو موقف ڏيڻ انڪار بعد ايم پي اي اسماعيل جي پٽ لطيف راھو سوشل ميديا تي وڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته جوکيا برادري جا ٻه موت راھوڪي ۾ ٿي چڪا آھن، جنھن سان شھيد فاضل راھو جي مزار جو تقدس پائمال ٿيو آھي، اسان جي فيملي مٿان بي بنياد الزام ھنيا پيا وڃن، جنھن ۾ اسان جي وڏن سميت منھنجو نالو به آھي، ھن چيو ته اياز جوکيو جي بيان حقيقت سان پري پري تائين تعلق ناھي، سڀ ڪوڙ آھي، منھنجي بابا پاران علي احمد جوکيو کي جيڪي زمينون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون ھيون انهن مان پاڻ به گذر سفر ڪندو ھو ۽ حساب ڪتاب وغيره ڏيندو ھو يا نه مون کي خبر ناھي، علي احمد جوکيو وٽ 2 کان چار سئو ايڪڙ زمين ھئي ۽ ڳوٺ قابل جوکيو ۾ 100 ايڪڙ جنھن ۾ فش فارم ۽ چوپايو مال به آھي ۽ لواري شريف ۾ جيڪي زمينون ھنيون اھي به علي احمد جوکيو وٽ ھنيون ۽ اڃان به آھن، 2018 کانپوءِ مون کي زمينداري جو شوق ٿيو ۽ مورجھر واري زمين مون آباد ڪرڻ شروع ڪئي، علي احمد جوکيو جي ڌيءَ ڪالهه احتجاج ڪندي زمين جي گھر غلط ڪئي آھي، ڪير ڪنھن کي پنھنجي سروي زمين ڪئين ٿو لکي ڏئي سگھي؟ بابا اسماعيل راھو علي احمد جوکيو کي ضلعي صدر ڪيو جڏھن پ پ ۾ آياسين ته ضلعي جو وائيس پريزيڊنٽ ڪيو، ھن وقت راھو فيملي جا مخالف ماڻھون اسان مٿان الزام ھڻي اسان کي سياسي حوالي سان نقصان ڏيڻ چاھن ٿا،ھن مسعود لوھار کي مخاطب ٿيندي چيو ته مسعود لوھار چيو آھي ته اسان شھيد فاضل راھو جي قبر کوٽڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن،  آئون کيس چوان ٿو ته تنھنجي پيءُ يا ڏاڏي ۾ ھمٿ ناھي جو تون شھيد جي قبر کي ھٿ به لائي سگھين. مسعود لوھار ذھني مريض آھي. ھن چيو ته زندگي ۾ ھر ڪنھن سان مسئلا پيش ٿيندا آھن لک پتي کي ڪروڙ پتي ۽ ڪروڙ پتي کي ارب پتي ٿيڻو آھي، پاڻ کي ماري پنھنجن پونئرن کي سزا ڏيڻ غلط عمل آھي. ٻئي پاسي جوکيا برادري سان اياز جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري آھي پر راھو فيملي جو ڪو به فرد تعزيت ڪرڻ لاء نه پھتو آھي.