خودڪشي جو به ڪوئي قاتل هوندو آهي

0
179
خودڪشي جو به ڪوئي قاتل هوندو آهي

  جيڪو پيدا ٿيو آ سو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور مرندو جيڪڏهن انهي موت جو ڪارڻ فطري هجي ته اهو قدرت جي انهي قاعدي مطابق آهي، پر جڏهن به ڪو انسان هن ڌرتي جي گولي تي غير فطري طريقي سان پنهنجو وجود وڃائي ويهي ته انهي جو موت قتل آهي. منهنجي نظر ۾ هر اهو موت جنهن کي خودڪشي جو نالو ڏنو وڃي ٿو اهو به قتل آهي. خودڪشي جي عمل پٺيان جيڪي ڪارڻ هجن ٿا اهي انهي جا قاتل هجن ٿا جنهن کي اسين خودڪشي جو نالو ڏيون ٿا. لاڙڪاڻي جي طب جي شعبي واري هڪ اعليٰ تعليمي اداري ۾ جڏهن ڪنهن شاگردياڻي جو لاش سندس ڪمري جي پکي ۾ ٽنگيل ملي ۽ انهي کي سادن لفظن ۾ خودڪشي ڄاڻائي سموري معاملي کي لئي مٽي ڪيو وڃي ته اهو اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ انهي انسان جي زندگي سان مذاق جي برابر آهي.

هي پهريون دفعو ڪونهي هي ٻيون ڀيرو آهي جو لاڙڪاڻي جي هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جي هاسٽل اندر ڪنهن شاگردياڻي جو لاش سندس ڪمري جي پکي ۾ لٽڪيل ملي رهيو آهي. اڳي به سڀني کي ياد هوندو ته نمرتا ڪماري جو لاش انهي ساڳي يونيورسٽي ۾ ساڳي انتظاميا جي سربراهه جي هوندي سندس ڪمري مان مليو هو جنهن تي سموري سنڌ جي ماڻهن احتجاج ڪيو ۽ چيو ته اها خودڪشي ڪونهي قتل آهي، پر نمرتا جي قتل کي خودڪشي ثابت ڪري سندس ڪيس جي فائيل، عوام ۽ مائٽن جي آواز کي دٻائي بند ڪيو ويو. انهي بعد هي ٻيو لاش نوشين هما ڪاظمي جو مليو آهي جنهن لاءِ به پهرين ئي اهو چيو پيو وڃي ته نوشين خودڪشي ڪئي آهي.

هن ملڪ ۾ جاچ ڪندڙ ادارا ۽ فرد جيتوڻيڪ جديد ٽيڪنالاجي ۽ صلاحيتن سان ايترا آراستا ڪونهن جيترا آمريڪا ۽ يورپ جا هجن ٿا، پر انهي جي باوجود به جڏهن انهن ادارن تي ڪو دٻاءُ وڌو  وڃي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن اهڙي جاچ آفيسر کي انهي معاملي جي جاچ ڏني وڃي ٿي جنهن جون پنهنجون صلاحيتون ۽ پيشيوراڻي ذميواري سان جاچ جو عمل قابل ذڪر هجي. اهڙا آفيسر اڄ به سنڌ جي اندر موجود آهن جيڪي گهڻن رخن کان معاملي جي جاچ ڪري انهي جي اصل تهھ تائين پهچي ويندا آهن ۽ حقيقتن کي پڌرو ڪري سڀني جي آڏو آڻي رکن ٿا. جيڪڏهن اهڙي جاچ بعد ڪا رپورٽ انهي خودڪشي جي سببن ۽ انهن سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل تجويزن بعد سرڪار جي طرفان گهربل جوڳن اپائن جي ضرورت کي واضح ڪندا هجن ته شايد اهڙي قسم جا واقعا بار بار نه ٿين!

جيڪڏهن نمرتا جي معاملي جي جاچ صحيح طريقي سان ڪنهن ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر جي هٿان ڪرائي وئي هئي ته انهي جي ڪا رپورٽ به تيار ڪرائي وئي يا بس انهي کي هڪ اکر جي لفظ “خودڪشي” جو نالو ڏئي سندس فائيل کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو؟ جيڪڏهن رپورٽ ڪا جوڙي به وئي ته انهي بعد انهي اداري جي سربراهه ۽ سرڪار طرفان ڪا حڪمت عملي به جوڙي وئي ته “ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به اهڙي واقعي کان ڪئين بچي سگهجي ٿو؟” جيڪڏهن ڪا به جاچ تفصيلي نه ڪئي وئي ته انهي جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڇا اسان جي سرڪار کي يا انهن تعليمي ادارن جي سربراهن کي انهي جو ڪو احساس ڪونهي ته سندن سربراهي ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار انهن جي اداري اندر ايئن قتل ٿي وڃي ٿو ته هو پنهنجي پيشيوراڻي ذميواري سمجهي انهي جي روڪٿام لاءِ ڪو جوڳو اپاءُ وٺي سگهن؟

نائلا هجي يا نمرتا ۽ نوشين انهن جي زندگي جي انت جو آخري منظر ته سندن ڪمري جي پکي ۾ ٽنگيل لاش هجي ٿو، پر انهي پکي جي پرن ۾ لٽڪڻ کان پهرين جا جيڪي منظر آهن انهن تان پردا ڇو نه ٿا کڄن؟ جيڪڏهن ڪنهن جي موت جو سبب انهي ٻار جي ڪا الهڙ جواني جي ڀل چڪ به آهي ته انهي ڀل چڪ کي سڌارڻ لاءِ به ڪڏهن ڪنهن ڪو سوچيو آهي ته اهڙن معاملن تي تعليمي ادارن ۾ ڪنهن کي ڪا نفسياتي يا اخلاقي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو قائم ڪجي؟! اسان جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اسين سماج کي دٻائي هيسائي ۽ انهن جي ڪيل غلطين کان کين ڊيڄاري خاموش رکڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. ڪنهن جي نياڻي سان ڪنهن تعليمي اداري ۾ ڪا اڻوڻندڙ حرڪت ٿئي ۽ انهي جي شڪايت جيڪڏهن ٻار گهر ۾ ڪري ته سندن والدين چوندا “پڙهڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي اڄ کان بعد يونيورسٽي ناهي وڃڻو!” پر وري جي ڪنهن ٻار جا والدين تعليمي اداري جي سربراهه تائين سندن ٻار سان ٿيل زيادتي جي ڪا شڪايت کڻي پهچي وڃن ته انهي اداري جي انتظاميا پنهنجي مٿان ذميواري لاهي کين ثبوتن سان اهو تسليم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا ته “اوهان جي ٻار جا لڇڻ به ڪجهه چڱا ڪونهن انهي تي نظر رکو!” سماج جي اوسر ۽ ترقي لاءِ ڪڏهن سوچڻو ئي ناهي! غلطين کي سڌارڻ جي لاءِ يا خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪوشش ئي ناهي ڪرڻي! انڌن، گونگن، ٻوڙن ۽ ذهني طور مفلوج ماڻهن سان ڀريل ادارا گهرجن جن تي آساني سان راڄ ڪري سگهجي! سوال جي سگهه ڪنهن جي ناهي قبول، ڪنهن جي جرئت کي برداشت ناهي ڪرڻو. جيڪو چيو وڃي جيئن ڪيو وڃي انهي کي قبول ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي هر اداري جي اڪثريت طور سربراهن جو انهي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو اصل مقصد صرف ۽ صرف پاور ۽ پيسو هوندو آهي. انهن کي اها خبر ناهي ته هو جنهن اداري جي سربراهي ڪري رهيا آهن انهي کي هلائڻ لاءِ سندن مقصد ڪهڙا آهن ۽ انهن وٽ انهي اداري ۾ پڙهندڙ ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ هنن وٽ رٿائون ڪهڙيون آهن!

سنڌ جي اڪثر تعليمي ادارن جو الميو اهو آهي ته انهن جا سربراهه ڏاهپ ۽ قائداڻي صلاحيتن کان وانجهيل آهن. انهن جي مقرري جي پويان به اهڙا ڪي ماپا ۽ ماڻا ڪونهن جنهن سان اهو جاچي سگهجي ته مقرر ٿيندڙ شخص انهي جي لائق آهي جو هو انهي اداري کي نه رڳو هلائي سگهي، پر انهي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ به ڪي قدم کڻي سگهي. سندن مقرري جي پٺيان جيڪي ڪارڻ ڪارفرما هجن ٿا انهن تي پورا لهندڙ انهن ادارن جا سربراهه تعليمي ادارن جي اندر فرعون بڻجي ٿا وڃن. انهن سان عام شاگرد جو ملڻ ته مشڪل، پر ڪنهن خاص جي به انهن تائين رسائي آسان نه هوندي آهي. جنهن اداري جي اندر شاگرد جي مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ ڪو به ادارو ڪا آفيس نه هجي، انهن جي پريشانين کي سمجهڻ لاءِ ڪو فرد ڪو سرشتو نه هجي انهي اداري جي اندر شاگرد جڏهن ڪنهن به پريشاني کان نجات حاصل ڪرڻ جو ڪو جڏهن دڳ نه لهي سگهندا آهن ته پوءِ انهي جو نتيجو سندن خودڪشي جي منظر تي اچي منجهي پوي ٿو.

نائلا، نمرتا ۽ نوشين جي معاملن کي ٻڌڻ سمجهڻ ۽ انهي جو ايمانداري سان ڪو حل ڏيڻ لاءِ انهن ادارن ۾ ڪو شعبو هجي ها ته شايد انهن جي زندگي جو انت انهي خودڪشي جي منظر تي نه ٿئي ها. ماضي ۾ جيڪڏهن انهن معاملن تي ڪو ڌيان نه به ڏنو ويو آهي ته اڄ کان بعد سنڌ جي هر تعليمي اداري ۾ هڪ اهڙي اداري جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جنهن ۾ ماهر نفسيات سان گڏوگڏ شاگردن جي پريشانين يا ڪن به انتهائي قسم جي نجي معاملن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪي ماهر موجود هجن جيڪي انهن جي ذاتي معاملن کي رازداري سان ٻڌي سمجهي کين ڪو حل ٻڌائي سگهن.