لاس ويگاس (انٽريسٽنگ نيوز) تصوير ۾ موجود ڪپ تي لڳل هڪ رانديڪي کي ڏسو ۽ ٻڌايو ته ان ۾ ڪجهه خاص محسوس ٿئي ٿو؟ اوهان اهو ڄاڻي دنگ رهجي ويندا ته اهو ڪوئي معمولي رانديڪو ناهي پر هڪ روبوٽ آهي، جيڪو روزمرهه زندگي جي هڪ تمام عام مسئلي تي قابو پائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، جاپاني ڪپني يوڪائي انجنيئرنگ جو تيار ڪيل اهو روبوٽ حقيقت ۾ گرم چانهه، ڪافي يا کاڌي کي ٿڌو ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي، جي ها واقعي ۽ ان جو طريقو بلڪل انسانن جهڙو آهي، جيئن اوهان چانهه يا ڪنهن گرم شئي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ منهن سان ڦوڪون ڏيندا آهيو، هي روبوٽ به اهو ئي ڪندو آهي، ان انوکي روبوٽ کي لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو (سي اي ايس) جي موقعي تي پيش ڪيو ويو، ان ننڍڙي روبوٽ جي اندر هڪ پکو موجود آهي، جيڪو ٿڌي هوا ڦوڪن ذريعي خارج ڪندو آهي، ان روبوٽ کي نيڪوجيتا فوفو Nekojita FuFu جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اهو ڪنهن به جڳهه جهڙوڪ چانهه جي ڪپ يا کاڌي جي ٿانو تي آساني سان ويهي سگهي ٿو، ڪمپني موجب اهو روبوٽ ماڻهن کي کاڌو يا پيئڻ جون شيون ٿڌيون ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ کان بچائيندو، ڪمپني ٻڌايو ته اها ڊوائس 88 ڊگري سينٽري گريڊ تائين گرم ڪپ جو گرمي پد 3 کان 5 منٽن ۾ 66 ڊگري سينٽي گريڊ تائين کڻي ايندي، هڪ عام ماڻهو ايتري وقت ۾ رڳو 3 ڊگري سينٽي گريڊ ئي گهٽ ڪري سگهندو آهي، سڀ کان سٺي شئي ان ڊوائيس جي قيمت آهي، جيڪا 25 ڊالرز آهي، پر ان کي فوري طور تي وڪري لاءِ پيش نه پيو ڪيو وڃي، ڪمپني موجب 2025 جي آخر تائين ان کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.