اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته خواجه آصف نه ٿو چاهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿين، کيس ڊپ آهي ته ريحانه ڊار اسيمبلي ۾ نه اچي وڃي، معاشي مشڪلاتون تڏهن ختم ٿينديون، جڏهن سياسي استحڪام ايندو، سياسي استحڪام تڏهن ايندو جڏهن گڏ ويهي ڳالهيون ڪيون وينديون، پيپلزپارٽي به روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پ پ وارا ايوان صدر ۾ هئڻ باوجود چئي رهيا آهن اسان حڪومت ۾ ناهيون، ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئرسٽر سيف چيو آهي ته وفاقي حڪومت جو وائيٽ پيپر ڪاپي ڪري خيبرپختون خوا جي کاتي ۾ وڌو ويو آهي، ڪي پي حڪومت جو ڪل قرض 725 ارب رپيا آهي، وفاق هر مهيني ايترو ئي قرض وٺندو آهي، شهباز شريف جي رڳو ٻن سالن جي دور ۾ پاڪستان جو قرض 27 هزار ارب رپيا وڌي ويو آهي، عطاءَ تارڙ هڪ ئي وقت ٻه نوڪريون ڪري شهبازشريف ۽ مريم نواز جي نااهلي لڪائي رهيو آهي.