اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بچاءُ بابت اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار کان جلد ڏيهه واپسيءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان شاهزيب خانزاده سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته نواز شريف آڪٽوبر جي ٻئي هفتي تائين ڏيهه موٽي ايندو. سندس واپسي جو شيڊول سيپٽمبر جي ٻئي هفتي تائين هو. اليڪشن جي تاريخ اڃا تائين سامهون ناهي آئي، ان ڪري سندس واپسي ۾ دير ٿي آهي. هن چيو ته نواز شريف ڀلي آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ اچي پر شهباز شريف۽ اسحاق ڊار کي جلد ڏيهه موٽڻ گھرجي. شهباز شريف ملڪ جو وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر به رهيو آهي، کيس هن صورتحال ۾ ڏيهه اچڻ گھرجي. خواجه آصف وڌيڪ چيوته اسان کان صورتحال ان نموني ناهي سنڀالي ٿي، جهڙي عوام اميد رکي رهيو هو. ڊار صاحب جڏهن آيو ته اسان کي اندازو نه هو ته ايڏي تباهي ٿيل آهي.عدم اعتماد جي نتيجي ۾ اسان حڪومت سنڀالي. هن چيو ته اسان جي عوامي حلقن ۾ بي چيني پکڙيل آهي، بيچيني جو حل اهو آهي ته اسين عوام ۾ هجون. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته اسان جا اتحادي جلد چونڊن جي حق ۾ نه هئا.