کپرو: اڇڙي ٿر جي حر جماعت جي خليفن جي مبينا زيادتي واري پنهنجي اخبار جي خبر سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهي، سوشل ميڊيا تي حر جماعت جي نوجوانن خليفن ۽ سڪندري عالمن تي تنقيد ڪندي اڻ ڌريي جاچ جو چيو، حر جماعت جي سلجهيل فردن پير پاڳاري کي خليفن جي زيادتين جو نوٽيس وٺڻ جي پڻ اپيل ڪئي ۽ غير شرعي رسمن کي ختم ڪرڻ تي غور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.