خلق آزاري به ھڪ صنعت جو درجو وٺي چڪي آھي

0
44
خلق آزاري به ھڪ صنعت جو درجو وٺي چڪي آھي

بي وس ۽ لاچار ماڻھن جي ٻڌو، ڇوتہ ھن قسم جي ماڻھن جو ڪو اختيار ڌڻي، ڪو مِل مالڪ، ڪو آفيسر ۽ ڪو بااثر جڏھن ڪا دانھن ڪوڪ نٿو ٻڌي ۽ ڪو داد فرياد نٿو ڪري تہ آخرڪار انھن جي دانھن عرش ڏانھن سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿي ۽ پوءِ جيڪو فيصلو ٿئي ٿو اھو ڏاڍو ڀيانڪ ۽ سبق آموز ٿئي ٿو. اسان سڀ ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا تہ اسان جي ملڪ ۾، خلق آزاري بہ ھڪ صنعت جو درجو وٺي چڪي آھي جو ڪو ڪنھن جي تڪليف ڏانھن ڌيان ڏيڻ تہ پري رھيو پر، الٽو ان جي لاءِ مسئلن کي پيدا ڪرڻ جو مکيہ سبب بڻجي پوي ٿي. ھي ڄاڻڻ جي باوجود تہ فلاڻو ماڻھو، پاڙو يا شھر جيڪڏھن ڪنھن ڏچي جي ور چڙھيل آھي تہ ان ڏچي جو ڪارڻ منھنجو رويو آھي، منھنجي آفيسري آھي، منھنجي ملڪيت آھي يا منھنجو اولاد آھي. گذريل پنجاھ سالن ۾ سنڌ جي شھرن جي آبادي جھڙي طرح سان وڌي، ويجھي ۽ ترقي ڪئي آھي ۽، جھڙي طرح سان آبادي جي ان واڌ ويجھ ۽ ترقي، شھرن جي فطرتي ماحول جھڙوڪ: کڏن، کوٻن، کامن، واھن، نھرن، ڍنڍن، کوھن، باغن، ساوڪن ۽ وڻن سان گڏ پکين ۽ جانورن جي ڪيترن ئي قسمن کي غائب ڪري ڇڏيو آھي. اسان جا شھر ھاڻي مڪمل طور تي بدصورت بڻجي ويا آھن. شھرن اندر موجود ڪارخانن، سِرن جي بَٺن، ننڍي ٽرانسپورٽ جيئن چِنگچين ۽ موٽر سائيڪلن جي آوازن ۽ سائلينسرز مان نڪرندر بي لغام دونھن، نالين ۽ نالن جي صفائين بعد رستن تي موجود گندگين کي ھفتن جا ھفتا ائين ڇڏي ڏيڻ شھرن جي ماحول ۾ تمام گھڻي گدلاڻ ۽ بدبوءِ کي  ڦھلائي ڇڏيو آھي جو توھان جو گذر جنھن بہ گھٽي ۽ جنھن بہ رستي کان ٿيندو انتھائي قسم جي بدبوءِ، گدلاڻ ۽ توتڙي يا دز توھان جو آڌرڀاءُ ڪندي رھي ٿي. ايتري تائين جو بيان ھيٺ اسم ويجھين آبادين جي لاءِ دردِ سر ۽، نہ ختم ٿيندڙ آزار جي شڪل و صورت اختيار ڪري ويا آھن. انھيءَ دردِ سر ۽، ھن نہ ختم ٿيندڙ آزار جي ڪري شھري تمام گھڻين تڪليفن سان منھن ڏئي رھيا آھن؛ خاص طور تي شھري آبادي جي وچ ۾ رائس ملن جي موجودگي ۽ انھن ملن جي نتيجي ۾ بي انداز پيدا ٿيندڙ توتڙي، دز، اناج جي ڇنڊ، ڦوڪ ۽ ڇڙائي ۽، بٺن جا دونھا ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ ساھ کڻڻ ۾ دشواريون پيدا ڪرڻ جو ٺيڪ ٺاڪ سبب بڻجي رھيا آھن.

“متاثر شھر، ستايل گھر ۽ مجبور ماڻھو” انھيءَ گدلاڻ مان پنھنجي جند آجي ڪن تہ ڪيئن ڪن، ڇاڪاڻ جو ھنن جي ڀرپاسي ۾ ھڪ نہ، ٻہ نہ، ٽي ٽي رائيس ملون ۽ چار چار سِرن جا بَٺا ڏينھن رات دونھين، دز ۽ توتڙي جي پرورش ڪري رھيا ھجن ٿا.

سمجھي سگھو ٿا تہ گھر ڌڻي ۽ گھٽين مان گذرندڙ ماڻھو ڪيڏي نہ وڏي ڏچي ۾ آھن جو ھي مالڪن ۽ اعليٰ اختيارين جي آڏو دانھون ڪوڪون ڪري ۽ شڪايتون درج ڪرائي ٿڪجي پيا آھن. مجبور ماڻھو ڪنھن مل يا بٺي مالڪ وٽ جيڪڏھن داد فرياد لاءِ وڃن ٿا تہ ھنن کان عجيب و غريب سوال جواب ڪيا وڃن ٿا. مثال طور ھڪ نوجوان پنھنجي آزار ڪٿا کي ڪجھ ائين بيان ڪري ٿو: “سائين مان ڪارخاني جي مالڪ وٽ دانھين ٿي ويس. چيو مانس تہ توھان جي ڪارخاني جي دز ۽ توتڙي اسان جو ساھ ٻوساٽي رھي آھي. مھرباني ڪري انھيءَ سيلر (رائس مل) کي شھر مان ٻاھر شفٽ ڪيو. جواب ڏنائين تہ: رڳي توھان ٿا اچو روز، ٻيا پاڙي وارا تہ ڪونہ ٿا اچن. وڌيڪ چيائين تہ: توھان اسان جو ساٿ ڏيو تہ سيلر مان پاڙي وارن جي جند آجي ڪرايون. چيومانس: حاضر آھيون پر، مسئلي کي صرف ھڪ پاڙي جي مسئلي طور نہ پر، سڄي شھر جي مسئلي طور کڻجي تہ بھتر آھي. ڇاڪاڻ جو ڪارخانن سان گڏ ڪجھ ٻيون شيون بہ اھڙيون آھن جن جي بہ ڪري شھري ڏچن ۽ آزارن سان منھن ڏئي رھيا آھن.”

ھڪ ٻئي دوست پنھنجي دردِ داستان کي بيان ڪندي چيو: “مان مِل مالڪ وٽ ويو ھئس تہ پنھنجي توتڙي واري پائيپ جي مٿان ڪجھ اھڙو ڪري جو توتڙي بجائي جو سڄي پاڙي جي گھرن ۾ ڦرندي رھي. اھا ان ھنڌ ئي ڪرندي رھي جتي ان پائيپ جو منھن آھي. جواب ڏنائين تہ: پيسا ڏيو تہ مان سڀاڻي ئي ڪم ٿو شروع ڪرايان ٻيو توتڙي منھنجو ڪارخانو نہ پر ھوا ڦھلائي رھي آھي. ڪورٽون کليون پيون اٿئي. ڀلي منھنجي خلاف ڪيس ڪيو…” ھي حال آھي اسان جي انھن ماڻھن جو جن کي شھرن ۾ معزز شھري جي طور ياد ڪيو ۽ پڪاريو وڃي ٿو. ۽ ھي تہ صرف ٻن ماڻھن جو حالِ دل آھي پر ھت “ھر شخص ڪھاڻي آ” جي مصداق ھڪ پاڙي کي ھڪ شھر طور ۽، ھڪ شھر کي سڄي سنڌ لاءِ ھڪ سيمپل طور کڻي جڏھن انھن رائس ملن جي آزار ۽ ڏچي جو ذڪر ڪجي ٿو تہ توھان کي اچرج وٺي ويندو.

دز ۽ مٽي جيڪا مِلن ۽ بٺن مان پيدا ٿئي ٿي ان جي ڪارڻ ماڻھن جي تڪليفن جو ھن ويل مان اندازو لڳائي سگھو ٿا تہ جنھن مھل اھي ڪنھن گھٽي مان گذرن ٿا تہ اھي ساھ بہ مشڪل سان ٿا کڻن ۽، وري جنھن وقت ماني کائڻ شروع ڪن ٿا تہ مٽي ۽ دز انھن مٿان وسندي رھي ٿي. ماڻھو ھر وقت نزلي زڪام ۽ ساھ جي تڪليفن ۾ ورتل ۽ گھرن جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ پاڻ کي صاف ڪرڻ ۾ پورا آھن. ھڪ پاسي ھي عالم آھي تہ ٻئي پاسي شھرن جي مکيہ رستن جي ٻنھي پاسن تي دڪاندارن جي بي روڪ ٽوڪ حددخلين، پوليس جي جوانن پاران ڀَتن ۽ دڪاندارن پاران مسواڙن جي آڙ ۾ ھنڌين ماڳين ڀاڄين ۽ فروٽ جي ريڙھن جي بي انداز موجودگي، ساز و سامان جي رسائي جي لاءِ گڏھ گاڏن جي عام جام اچ وڃ بہ پيادن، لاچار ۽ بيمار ماڻھن جو رستن تان گذر سفر ڏکيو بڻائي ڇڏيو آھي. خاص طور تي اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻار ھڪ وڏي تڪليف مان گذرن ٿا ڇاڪاڻ جو رستا سوڙھا ۽ لنگھ تنگ بڻايا ويا آھن. ھن ايڏي وڏي ويل ھوندي: شھري انتظاميا سڪون جي ننڊ ستل آھي. روينيو کاتي وارا صرف نوٽيسن ڏيڻ ۾ پورا آھن.

رھي سھي ڪسر اسان جي مقامي حڪومتن جي ڪن لاٽار پوري ڪري رھي آھي جيڪي ھي سڀڪجھ ٿيندو ڏسندي بہ، ڪي بہ جوڳا نہ انتظام ڪن ٿيون ۽، نہ ئي ڪو اھڙو قدم کڻن ٿيون جنھن مان ھي نظر اچي تہ شھرن جو عوام بي يارومددگار ناھي. شھرن جي ھي بدصورتي ۽ عوام جي لاءِ ھن قسم جو ڏچو ۽ آزار ڏينھن ٻيڻي رات چوڻي ترقي ڪري رھيو آھي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ۽ ترقي جي جنھن ماڊل کي اپنايو ويو آھي، اھو بي ترتيب ۽ بي ترڪيب آھي. شايد اھوئي سبب آھي جو انھيءَ بي ترتيبي ۽ بي ترڪيبي جي ڪري مقامي سطح تي سماجي صورتحال ڄڻ ھڪ اھڙي تہ سماجي بيماري جي شڪل وٺي چڪو آھي، جنھن جو جيڪڏھن علاج موجود بہ آھي تہ اھو في الحال ٿيندي نظر نٿو اچي. شھرن جي گدلاڻ اسان جي شھرن جي ماحول کي جھڙي طرح سان خراب ڪري ۽ اڻوڻندڙ بڻائي چڪي آھي ۽ عام خلق جي لاءِ جنھن قسم جو ڏچو بڻجي چڪي آھي ان جو جيڪڏھن ھن وقت بہ تدارڪ نہ ڪيو ويو تہ اھا گدلاڻ ۽ ھي ڏچو جيڪو اسان واري ٽھي جي لاءِ  تہ صرف گندگي ڦھلائڻ ۽ ساھ کڻن ۾ تڪليف جو وڏو سبب تہ بڻيل ئي بڻيل رھندو ڇاڪاڻ جو پاڪستان ۽ سنڌ جو ھر ادارو پنھنجي پنھنجي انا جي خاطر تہ حد بہ ٽپي وڃن ٿا پر عوام جي لاءِ ڏچو بڻيل ڪنھن بہ شئي يا ماڻھو خلاف ڪنھن بہ قسم جو ڪوبہ قدم ڪونہ کڻندا آھن. وري بہ اميد ھي ڪجي تہ پنھنجي ايندڙ نسل کي ھڪ جٽاءُ دار ۽ انسان دوست ماحول ۾ زندگي بسر ڪرڻ جو موقعو تڏھن ئي پلئہ پوندو جڏھن مٽي، دز، دونھون ۽ گدلاڻ ڦھلائيندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.