بيجنگ / ماسڪو / سيئول: چين، اترڪوريا ۽ روس گولڊن ڊوم منصوبي جي شديد مخالفت ڪندي چيو آهي ته خطي کي ميدان جنگ نه بڻايو، چين جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته اهو منصوبو خلا کي هٿيارن سان ڀري ڇڏيندو ۽ عالمي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي، اترڪوريا ان کي خلا جي عسڪريت قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا خبردار ڪيو آهي ته اهو منصوبو اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ ته سٺو آهي پر دنيا کي هڪ نئين هٿيارن جي ڊوڙ ۾ ڌڪي ڇڏيندو. ٽرمپ جي اها انوکي آڇ ڪيناڊا کي هڪ نازڪ موڙ تي وٺي آئي آهي.