واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) اسان مان گھڻا سمجهن ٿا ته خلا ۾ پهريون جاندار نيل آرمسٽرانگ نالي هڪ انسان هو، پر اهو سچ ناهي. خلا ۾ سفر ڪندڙ پهريون ماڻهو اصل ۾ هڪ جانور هو. ها! خلا ۾ موڪليو ويو پهريون جانور لائيڪا نالي هڪ ڪتو هو. لائيڪا نسل جي لحاظ کان سائبيرين هسڪي ۽ ٽيريئر جو ميلاپ هئي. ان کي روس (سوويت يونين) پاران 3 نومبر 1957 تي مشن اسپوتنڪ 2 تي خلا ۾ موڪليو ويو. مشن جو مقصد اهو ڳولڻ هو ته ڇا ڪو جاندار خلا ۾ زنده رهي سگهي ٿو. لائيڪا کي خلا ۾ موڪلڻ جو خيال اهو هو ته اهو ڏٺو وڃي ته خلائي دٻاءُ، صفر ڪشش ثقل، ۽ اڪيلائي جسم تي ڪيئن اثر انداز ٿين ٿا. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته لائيڪا جيئري واپس نه آئي ڇاڪاڻ ته مشن جي وقت ٻيهر داخل ٿيڻ جو ڪو به منصوبو نه هو. لائيڪا گرمي ۽ دٻاءُ سبب ڪجهه ڪلاڪن اندر مري وئي. ڪيترن سالن کان پوءِ، روسي سائنسدانن مشن کي “قرباني” قرار ڏنو ۽ لائيڪا کي ماسڪو ۾ هڪ مجسمي سان نوازيو ويو.