جنگ ته پاڻ ئي هڪ مسئلو آهي، جنگ شروع ڪرڻ سولو ڪم آهي پر جنگيون شروع ڪندڙن کي اها خبر ناهي هوندي ته ان جا ڪيترا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا آهن، جيڪي ڪيترن ئي نسلن تائين جاري رهندا آهن. گجرات وڳوڙن جو مرڪزي ڪردار نريندر مودي هن وقت انهن پاليسين تي عمل ڪري رهيو آهي، جيڪي هندستان کي آمريت طرف وٺي وڃي رهيون آهن. مودي جي بي جي پي حڪومت نه صرف انڊيا جي جمهوري بنيادن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر پوري ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هو رياستي جبر کي مذهبي قومپرستي جو نالو ڏئي پوري ملڪ جي آزادي جي تحريڪن کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ماضي کي مستقبل جي پيش گوئي لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ عجيب منطق آهي. اڄ اسان ڏسي رهيا آهيون ته جبري تڪرار، رد عمل تي ٻڌل مزاحمت ۽ معاشي مسئلا مستقل طور تي اهڙن سياسي نظرين کي جنم ڏئي رهيا آهن، جيڪي انساني فلاح کي نظرانداز ڪري طاقت حاصل ڪرڻ کي فوقيت ڏئي رهيا آهن.
اڄ جديد ٽيڪنالاجي جي سمورن امڪانن باوجود دنيا ان پراڻي دڳ تي هلي رهي آهي، جتي طاقت جي استعمال، ٻه طرفن چئلينجن، ۽ عملي تشدد هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ بلڪل ويهين صديءَ جي انهن ناولن جيان لڳندي آهي، جن ۾ هڪ بي قابو دنيا جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جتي اٽي، لٽي ۽ اجهي جهڙن بنيادي مسئلن جو حل طاقت جي زور تي ڪڍيو ويندو آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعوا ڪندڙ انڊيا هاڻ مذهبي قومپرستي کي هڪ اهڙي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي اندروني مسئلن ۽ عالمي تنقيد تان دنيا جو ڌيان هٽائي سگهجي. اها خطرناڪ سياسي حڪمت عملي خطي جي امن لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي. والاريل ڪشمير ۾ دهلي سرڪار جا تازا کنيل جارحاڻا قدم، چين ۽ پاڪستان جي حوالي سان جنگجو رويو ۽ انساني حقن جي سنگين صورتحال ڀارت کي جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، پر هو آزادي وارين گهرو تحريڪن کي به ان آڌار تي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
قومپرستي بطور فلسفو رياست کي هڪ متحد ۽ اسرندڙ قوم طور محفوظ رکندي آهي. پر انڊين قومپرستي هاڻ صفا جارحيت تي لهي آئي آهي، جنهن کي هو حب الوطني جو نالو ڏئي سوشل ميڊيا تي ان کي اڀاري رهي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ 1948ع کان وٺي زميني ۽ سياسي جهيڙو هلندو رهيو آهي، ان ۾ سڌارو اچڻ شروع ٿيندو آهي، ريل گاڏيون، بسون ۽ جهاز هلڻ شروع ٿيندا آهن، پر جڏهن ڪنهن رياست ۾ چونڊون ٿينديون آهن، ته انتهاپسند بي جي پي ۽ ان جو سربراهه نريندر مودي ان کي مذهبي هندوتوا جي هوا ڏئي پنهنجي مفادن ۾ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. هن وقت به بهار رياست ۾ چونڊون ويجهيون آهن، جتي مودي کي پهرين شرمناڪ شڪست ملي هئي، هاڻ هو ڪشمير جي پهلگام جو بهانو بڻائي، پاڪستان سان جنگ شروع ڪري اتي ڪاميابي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
نريندر مودي جي قيادت ۾ خوف جي سياست ۽ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ سياسي بقا جو بنيادي اصول بڻجي چڪو آهي. پر ان سان ڊگهي مدي وارو علائقائي امن داءَ تي به لڳي چڪو آهي. اڄ مودي جي اقتدار ۾ ڀارت ۾ ميڊيا، ادارا، تعليم سڀ تنگ نظري جو شڪار ٿي ويا آهن. مذهبي اقليتن تي ظلم وڌي ويا آهن. ميڊيا مڪمل طور تي ڪنٽرولڊ آهي. اڄ صحافي، دانشور ۽ سماجي ڪارڪن جن کي ڪڏهن عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، انهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. مودي هن وقت پوري سيڪيولر ڀارت کي “جمهوري آمريت” ڏانهن وٺي ويو آهي. ان سان نه صرف انڊيا پر پورو ڏکڻ ايشيا جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي. هندستان ۾ نريندر مودي جي قيادت واري حڪومت ۾ گذريل ڪجهه سالن کان سياسي نفرت ۽ قومپرستي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اهو رجحان رڳو هندستان تائين محدود ناهي، پر عالمي سطح تي به ڏسڻ ۾ آيو آهي، پر هندستان ۾ ان جي شدت خاص طور تي نمايان آهي.
هندستان ۾ آزادي جون تحريڪون ان جي آزادي واري دور کان هلنديون آيون آهن، پر ان ۾ شدت مودي جي پهرين دور کان شروع ٿي آهي، جنهن انهن تحريڪن کي طاقت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هتي ڀارت ۾ آزادي جي تحريڪن جو ٿورو جائزو به پيش ڪنداسين. 1857ع جي بغاوت پهرين وڏي بغاوت جيڪا انگريزن جي خلاف هئي، جنهن کي “آزاديءَ جي پهرين جنگ” سڏيو وڃي ٿو. انڊين نيشنل ڪانگريس 1885ع ۾ ٺهي، جنهن امن پسندي ۽ عدم تشدد جي ذريعي آزادي لاءِ ڪم ڪيو. مهاتما گانڌي عدم تشدد، ستيه گره ۽ سول نافرماني جي ذريعي آزادي جي تحريڪ جو مرڪزي ڪردار بڻيو. مسلم ليگ ۽ محمد علي جناح مسلمانن جي الڳ سڃاڻپ لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان قائم ٿيو. هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ به ڪشمير، ناگالينڊ، آسام، ۽ ٻين علائقن ۾ علحدگي پسند تحريڪون هلنديون رهيون. سِک تحريڪ “خالصتان”، ڪشمير جي آزادي لاءِ جدوجهد، ۽ نڪسلي تحريڪون اهم مثال آهن. نريندر مودي انهن تحريڪن کي هر صورت ۾ چيڀاٽن جو پڪو پهه ڪيو آهي، سندس گهرو پاليسي به انتهائي جارحاڻي انداز واري آهي. ان جي مک ايجنڊا “هندوتوا” آهي. مودي جي قيادت ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي (BJP) هندوتوا نظريي کي وڌائي رهي آهي، جيڪو هندستان کي هندو راشٽر (هندو قومي رياست) بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. شهريت ترميمي قانون (CAA) ۽ NRC مسلمانن جي خلاف تصور ٿيندڙ قانون، جنهن تي وڏي پيماني تي احتجاج ٿيا. ڪشمير جو خاص درجو ختم ڪرڻ (آرٽيڪل 370): 2019ع ۾ مودي حڪومت ڪشمير جو خاص درجو ختم ڪيو، جنهن تي پاڪستان سميت عالمي سطح تي تنقيد ٿي. گهرو پاليسي جيان پرڏيهي پاليسي ۾ به مودي جارحاڻي انداز ۾ ٻين ملڪن سان به ويڙه جا دڳ کولڻ شروع ڪيا آهن. لداخ ۾ چين سان سرحدي تڪرار ۽ پاڪستان سان لڳاتار تڪراري رويو، خاص طور تي سرجيڪل اسٽرائيڪ ۽ بالاڪوٽ حملا ان جو مثال آهن. انهن مسئلن تي جڏهن ڀارتي ميڊيا گوڙ شروع ڪيو ته هن صحافين تي پابنديون هڻڻ شروع ڪيون، ڪيترن ئي صحافين کي گرفتار ڪيو، ڪيترن صوبن ۾ اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ چينلن کي بند ڪيو ويو، سماجي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن کي “قوم دشمن” قرار ڏئي سنگين ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪري انهن کي چپ ڪرايو ويو.
مودي پنهنجي ٻنهي دورن ۾ عيسائين سان گڏ مسلمانن خلاف ڪيترائي ڪارا قانون به جوڙيا آهن، سوين مسلمانن کي مذهبي بنيادن تي قتل ڪيو ويو آهي مودي “هندستان فقط هندن لاءِ آهي” واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. هن مسلم حڪمرانن جهڙوڪ بهادر شاه ظفر يا اورنگزيب کي نصاب مان خارج ڪري نصاب ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت کي وجهڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري سيڪيولر ڀارت جي تصور کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. هن فوجي آپريشن جهڙوڪ “سرجيڪل اسٽرائيڪ” کي چونڊ مهم لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري پاڪستان خلاف جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
قومپرستي جو صحتمند نظريو حب الوطني کي وڌائي ٿو، پر جڏهن اهو سياسي نفرت ۽ اقليتن جي دٻاءُ ۾ تبديل ٿئي ٿو، تڏهن اهو سماج لاءِ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو. هندستان ۾ موجوده حالتن ۾ نفرت انگيز سياست، قومپرستي جي نالي تي، نه رڳو اندروني سلامتي، پر جمهوري اصولن لاءِ به چئلينج آهي. نريندر مودي ھندستان کي ھڪ عالمي دھشت گردي جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيناڊا، آمريڪا، برطانيا ۽ پاڪستان ۾ سندس ايجنسين جي فردن تي دھشتگردي ۽ مخالفن کي قتل ڪرائڻ جا ڪيس سڀني ملڪن ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. پاڪستان تي ھاڻوڪو حملو به رياستي دهشتگردي جي ھڪ ڀيانڪ شڪل آهي. پر پاڪستان جي ھوائي فوج طرفان ڀارت جا پنج جھاز ۽ 25 ڊرون ڪيرائڻ کانپوءِ، اسان جي ملڪ لاءِ ضروري آھي ته پنهنجي معيشت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري. مودي جي ڀرپور ڪوشش آهي ته پاڪستان جو پاڻي بند ڪري ۽ عالمي ادارن تي دٻاءُ وجھي پاڪستان جي آئي ايم ايف ۽ ٻين ادارن طرفان ملندڙ قرضن کي بند ڪرائي. پاڪستان کي مودي جي انهيءَ ڄار ۾ ڦاسڻ نه گھرجي.