ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) خطري جي گهنٽي: ڪراچي سميت ملڪ ۾ ملاوٽي ايل پي جي جي وڪري جو انڪشاف، ان ڏس ۾ ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر چيو آهي ته ايل پي جي بوزرن مان گيس ڪڍي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ملائي پئي وڃي، جنهن سان سلنڊر جو پريشر 540 مان وڌي 900 کان 1200 تائين پهچي ٿو، هن چيو ته 300 رپين واري ايل پي جي 15 ڪلو واري ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ سان ملاوٽ ڪري وڪرو ٿي رهي آهي، هن چيو ته ملاوٽي ايل پي جي سان سلنڊر ڦاٽڻ ۽ باهه لڳڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو، اسان پيٽروليم وزارت، اوگرا ۽ صوبائي حڪومتن سان ملاوٽي مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ لکپڙهه ڪئي آهي.