خضدار (م ڊ) خضدار جي تعلقي نال ۾ ڌماڪي سان 4 ماڻهو مارجي ويا، 7 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌماڪو نال بازار ۾ ٿيو جتي بيٺل گاڏين کي باهه لڳي وئي، ڌماڪي سان 4 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي ٿيا، زخمين کي نال ۽ خضدار ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو. وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي مذمت ڪندي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته امن دشمن عنصر پنهنجي ناڪام مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيندا.