شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ ويجھو خضدار ايم 8 روڊ تي خضدار کان شھدادڪوٽ ايندڙ ٻن مزدا گاڏين ۾ آمهون سامھون ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال ۾ فوتين جي سڃاڻپ محمد اسماعيل، محمد بخش ۽ شفيع الله پٺاڻ طور ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ حبيب الله ۽ نصيب الله شامل آھن.