آسٽريليا(انٽرسٽنگ نيوز) خزانو ڳولڻ جي شوق رکندڙ شخص جي قسمت جاڳي پئي ۽ هن کي اڍائي ڪلو سون هٿ لڳي ويو آهي جنهن تي اهو گهڻو خوش آهي. آسٽريليا ۾ وڪٽوريا جي علائقي ۾ دڪاندار ڊيرن ڪيمپ کي هڪ شخص اهو پٿر ڏنو آهي جيڪو سون جي ذخيري واري جائين تي سون ڳولڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪري رهيو هو.  ان هنڌ کي گولڊن ٽرائينگل چيو ويندو آهي. دريافت ڪندڙ جي هٿ 4.6 ڪلو گرام وزني هڪ پٿر لڳو جنهن ۾ سون جا ٽڪڙا چنبڙيل هئا. اهڙي طرح 2.6 ڪلو گرام سون هن جي هٿ لڳو آهي جنهن جي ماليت هڪ لک 60 هزار آمريڪي ڊالر بڻجي ٿي. ڊيرن ٻڌايو ته سون جو ايترو وڏو مقدار ڏسي مان حيران رهجي ويس ۽ اهو زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿيندڙ خوبصورت اتفاق آهي. نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي دريافت ڪندڙ ٻڌايو ته جڏهن هن پٿر ڏٺو هو ته هن کي ڪابه اميد نه هئي پر هن کي ٽوڙيو ته اندان ڦڪي ڌات نظر آئي، پر مان خوشيءَ ۾ ان جو هڪ ئي حصو کڻي آيس پر بعد ۾ ٻيو ٽڪڙو به گڏ لڳايو ويو. دريافت ڪنندڙ ٻڌايو ته مان مائن ليب ڪمپني جو ميٽل ڊٽيڪٽر استعمال ڪيو هو جنهن جي قيمت صرف 800 ڊالر آهي.