ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب، سنڌ حڪومت طرفان آڳاٽي خريف لاءِ پورو پاڻي ڏيڻ جي گهر، ان ڏس ۾ ارسا اختيارين خريف واري مند ۾ پاڻي ورڇ واسطي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو اجلاس 25 مارچ تي اسلام آباد ۾ گھرائي ورتو آهي. انهي حوالي سان ڪالهه سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ارسا اجلاس ۽ خريف لاءِ پاڻي جي ڪاٿي ۽ گهرج بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير هدايت ڪئي ته ارسا اختيارين آڏو آڳاٽي خريف جي پوکي لاءِ پاڻي ڏيڻ لاءِ مضبوط موقف رکيو وڃي، ان موقعي تي صوبائي وزير و چيو ته اميد آهي ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي سنڌ کي آڳاٽي خريف جي پوکي لاءِ گهربل پاڻي مهيا ڪندي.