لاهور (م ڊ) نو مئي واري واقعي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجه شاهه کي نظر بند ڪرڻ وارو فيصلو عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. خديجه شاهه جي مڙس جھانزيب امين نظربندي ختم ڪرڻ جي درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته خديجه شاهه کي نو مئي جي واقعن تي قيد ۽ آزادي ماڻيندي ئي ٻيهر نظربند ڪيو ويو آهي، خديجه شاهه جي نظر بندي بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان کي قانون جي ابتڙ نظربند ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ڊپٽي ڪمشنر لاهور ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته خديجا شاهه کي لاهور جي حدن مان ٻاهر نيئڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. عدالت نظربندي جو نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏئي.