نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) زال جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو پوليس ڪانسٽيبل مڙس کي نوڪري تان معطل ڪرائي ڇڏيو، اهو واقعو 20 مارچ تي ڀارتي شهر چندي ڳڙهه ۾ پيش آيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ عورت کي مشهور هريانوي گاني تي رقص ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته سندس چوڌاري ٽريفڪ جام نظر اچي رهي آهي. عورت پنهنجي نڻان سان گڏ گوردواري وئي هئي جتان واپسي تي هن ٽڪ ٽاڪ ريل شيئر ڪئي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد هيڊڪانسٽيبل جسبير ٿاڻي تي شڪايت داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس عورت ۽ سندس پٽ خلاف عوامي هنڌن تي رڪاوٽون وجهڻ ۽ عوام جي حفاظت کي خطري ۾ وجهڻ جو ڪيس داخل ڪيو. عورت جي مڙس ٽريفڪ ڪانسٽيبل اجي ڪنڊو کي به معطل ڪيو ويو. فيصلي تي سوشل ميڊيا تي مليل رد عمل سامهون آيو، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته ڪانسٽيبل کي سندس زال جي اهڙي عمل جي سزا نه ملڻ گهرجي ها جڏهن ته ٻين سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ جي وڌندڙ رجحان تي تنقيد ڪئي.