اسلام آباد ( م ڊ) پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جو خاور مانيڪا جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خاور مانيڪا کي پنهنجي گهر جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن ها، اي ٽي سي اسلام آباد ۾ پيشي دوران ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات نه ٿي آهي، چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ بعد پارٽي ڇڏي ويندڙ سمورا ماڻهو واپس اچي ويندا، ووٽ پي ٽي آءِ جو آهي، چيف اليڪشمن ڪمشنر اسان کي حق ڏئي ۽ جلسا به ڪرڻ  ڏنا وڃن.