خاور مانيڪا جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، عمران جو رد عمل اچي ويو

0
313

پي ٽي آءِ چيئرمين پاران خاور مانيڪا جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات بعد سندس وڪيل افضل مروت چيو آهي ته خاور مانيڪا جو بيان اخلاقي قدرن جي خلاف آهي، سندن مقصد آهي ته عدت جي ڪيس ۾ شاهدي ملي سگهي

هن چيو ته ڪيس پهرين داخل ٿيو آهي ۽ شاهديون هاڻي تيار ڪريون پيون وڃن

وڪيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته واحد پي ٽي آءِ فيڊريشن جي علامت آهي، اهڙن بيانن سان پي ٽي آءِ کي مائينس ڪرڻ سان گڏ قيادت جي گهرو معاملن ۾ بنا جواز مداخلت ڪئي وڃي ٿي

خاور مانيڪا جي بيان تي ردعمل ڏيندي ذوالفي بخاري چيو ته خاور مانيڪا بدديانت ۽ ڪرپٽ آهي