نئون دمبالو (ن پ ا ) ٽنڊو غلام علي جي خانگي بئنڪ جو مينئجر ابوجهه ماڻھن کان کنيل لون جون قسطون وصول ڪري غائب ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ قادربخش ڪورائي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان بئنڪ ۾ قسطون جمع ڪرايون هن رسيدون نه ڏنيون ويون بعد ۾ خبر پئي ته ڪيترن ئي ماڻھن جا پئسا کڻي مينيجر موهن لٻاري بئنڪ ڇڏي ويو ۽ اسان کي ڊفالٽر ڪري ويوم اها خبر تڏھن پئي جڏھن بئنڪ عملو لون جون قسطون وٺڻ آيو ته توهان تي قرض آھي  پر ماڻھن ٻڌايو ته اسان اڳوڻي مئنيجر کي پئسا جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، هن رسيدون ڏيڻ بجاءِ اهو چئي واپس ڪيو ته توهان جو لون پياري ڇڏيندس پر هن پئسا نه پياريا بئنڪ عملو غريبن کي تنگ ڪرڻ ۾ مصروف آھي، هتان جي رهواسين ريجن جي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي ته اڳوڻي مئنيجر خلاف ڪارروائي ڪري اسان جا پئسا جمع ڪرايا وڃن.