ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن لاءِ مختلف شرط لاڳو، ان حوالي سان اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن لاءِ نوان مول متا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جاري ڪيل سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خانگي اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ تربيت ۽ تعليم يافته استادن جون ڊگريون جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته اسڪولن ۾ سائنس ليبارٽري،  ڪينٽين ۽ صاف سٿرو پيئڻ جو پاڻي هجڻ لازمي هوندو ، خانگي اسڪولن جي ڪُل داخلا مان 10 سيڪڙو غريب ۽ مستحق ٻارڙن جي داخلا مفت هجڻ سان گڏ کين اسڪالر شِپ ڏيڻ لاءِ به اسڪول انتظاميا پابند هوندي.