خانپور(ن پ ا) خانپور جي علائقي ڪوٽ شاھو ۽ ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ايس ايس پي شڪارپور ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر جي اڳواڻي ۾ جاري پوليس ۽ ريجرز جي گڏيل آپريشن بعد تيغاڻي گينگ جي جوابدار ايوب تيغاڻي ڏوھن جي دنيا کي الوداع چئي ھٿيار ڦٽا ڪري پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ پيش ٿي ويو، ايوب تيغاڻي مٿان شڪارپور جي مختلف ٿاڻن تي 13 ڪيس داخل ٿيل آھن، ايس ايس پي شڪارپور موجب جوابدار ايوب تيغاڻي سنگين ڪيسن ۾ گھرب ھو، جوابدار آر آر ايف جي ٻن جوانن الطاف حسين بروھي ۽ عبدالقادر ڪلادي کي شھيد ڪرڻ واري حملي جي سھولتڪاري ڪرڻ جي ڪيس ۾ پڻ گھربل آهي.