خانپور(رپورٽ: عاصم دايو) خانپور شھر جي ارباب شاهه پاڙي ۾ ڪاروباري شخصيت نوجوان وارث علي سيٺار جو اوطاق مان گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن طرفان نوجوان کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف اسپتال ۾ مقتول نوجوان جي وارثن چاچي غلام علي سيٺار ۽ سھري سينگار علي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران مقتول جو چاچو استاد غلام علي سيٺار زخمي ٿي پيو، موقعي تي موجود ماڻھن جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ مقتول جي وارثن کان معلومات ورتي، مقتول جي وارثن پيءُ غلام رسول سيٺار، چاچي غلام علي ۽ ڀائرن پاران نوجوان جي سھري پرائمري استاد سينگار سيٺار ۽ ان جي پٽن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو.
نوجوان ڪجھه وقت اڳ ماسات سان ٻي شادي ڪئي، پلاٽنگ جو ڪاروبار ڪندو هو
خانپور: ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان وارث علي سيٺار ڪجھه عرصو اڳ پنھنجي ماسات سان ٻئي شادي به ڪئي ھئي. نوجوان وارث علي سيٺار شھر ۾ پلاٽنگ ۽ جڳھن جو ڪاروبار ۽ ڪجھه عرصو جيز فرنچائز جو ڪاروبار به ڪندو رھيو.
نوجوان جي سهري تي قتل جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس
خانپور: خانپور پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جي وارثن پاران نوجوان جي سھري ۽ ان جي پٽن تي نوجوان کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاھر ڪيو آھي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.