خانپور/رستم(نمائندن وٽان) خانپور ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان روڊ ٺاهيندڙ ڪمپني ڪئمپ تي فائرنگ، شڪارپور- ڪنڌ ڪوٽ انڊس هاءِ وي تي گوھر شاخ ڀرسان روڊ جو مرمتي ڪم ڪندڙ نجي ڪمپني جي ڪئمپ تي فائرنگ ڪئي وئي، ان حوالي سان ذوالفقار علي خٽڪ موجب هٿياربندن 2 ڪروڙ رپيا ڀتو گهريو هو، پئسا نه ڏيڻ تي فائرنگ ڪئي وئي، هن چيو ته پوليس ڪابه سڪيورٽي فراهم نه ڪئي آهي، واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي .