خانپور (ن پ ا) خانپور انڊس هاءِ وي تي فيضو ٿاڻي جي حد گوھر شاخ پوليس پڪٽ ڀرسان ڏوھارين ناڪو لڳائي ڪار سوارن رحيم آباد جي علائقي گبول واسي ڪار سوار  نعيم سومرو، ابوبڪر سومرو کي ڪٽنب سميت يرغمال بڻائي ھزارين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪيا، ٻي طرف ڪار سوار غلام مصطفيٰ بڊاڻي به هٿياربندن ھزارين رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فونز ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  هوڏانهن  قيدي کڻي ويندڙ پوليس گاڏي مٿان ڏوھارين جي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ڏوھاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.