خانپور (ن پ ا) خانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عمر جعفري واسي نوجوان علي دوست جعفري جو لاش وارثن طرفان اسپتال منتقل ڪيو ويو، نوجوان جي پيءُ عبدالنبي جعفري اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي پٽ دوست علي جعفري کي ڳوٺ محمد بخش جعفري جي رهواسي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، زخمي کي اسپتال کڻائي آياسين جتي هن دم ڏئي ڇڏيو آهي،هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي طرف خانپور پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.