خانپور (ن پ ا) خانپور_ ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ  وي تي فيضو اسٽاپ وٽ تيز رفتار مزدا ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور 35 ورھين اصغر عارباڻي ولد حبيب الله عارباڻي  ٿڏي تي  فوت ٿي ويو ، فوتي نوجوان جو لاش خانپور اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف فيضو پوليس ڪارروائي ڪندي مزدا کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.