خانپور (ن پ ا) خانپور جي ڪچي واري علائقي رستم ٿاڻي جي حد چيمن پل وٽ ويگن ۾ سوار لاڙڪاڻو واسي 21 ڄڻن کي شڪارپور پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعوي ڪئي آھي. علائقي واسين کان مليل ڄاڻ موجب ويگن سوار 21 ڄڻن کي اغوا ڪيو پئي ويو ته ڳوٺاڻن پھچي ھٿياربندن جو گھيراءُ ڪيو ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو جنهن  بعد ڊي ايس پي خانپور يارمحمد رند وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري پھتو ۽ ٻن ھٿياربند ڌاڙيلن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو ۽ ويگن م سوار لاڙڪاڻو واسي 21 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو ھوڏانھن  شڪارپور پوليس دعوي ڪندي چيو آھي ته لاڙڪاڻو کان دبئي ۾ روزگار ڏيڻ جي لاءِ عربن وٽ انٽرويو ڏيڻ جي بھاني سان لاڙڪاڻي جي ئي ٻن ڄڻن  پلاننگ ڪري خانپور جي ڪچي واري علائقي چيمن پل وٽ پھچايو جتي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ويگن گھيري ۾ آڻي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتان علائقي واسين جي اطلاع ۽  مدد سان ڊي ايس پي خانپور وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري پھچي ويو جتان پلان ۾ شامل 2 مشڪوڪ ڄڻن  کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ 21 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آھي جن ۾  رسول بخش سنديلو، ذيشان ڪورائي، آصف بروهي، محمد هاشم بروھي، جواد بروھي، مجاھد، عبدالحق، راشد مھر، فاروق ڀٽو، محراب ڀٽي، عبدالوحيد ابڙو، وحيد علي ڪلھوڙو، ذرياب ڪلھوڙو، واجد ڪلھوڙو، احسان علي ڪلھوڙو، اظھر لاشاري، نثار علي سولنگي، ڪامران علي ڏيٿو، سهيل احمد، مدثر ڪلھوڙو، مير حسن شامل آھن جن کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو آھي ۽ وارثن پاران شڪارپور پوليس ۽ علائقي واسين جو شڪريو ادا ڪيو آھي ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور عمران خان عوام کي اھڙن بھانن سان ڪچي ۾ وڃڻ کان عوام کي ھوشيار رھو  جي ھدايت ڪئي آھي.