خانپور (ن پ ا) خانپور شھر ۾ جي يو آءِ اميدوارن اين اي 192 ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي، پي ايس 07 آغا تيمور خان پٺاڻ جن جي ورڪ جتوئي خاندان جي نوجوان قيادت امير علي خان جتوئي، آغا تيمور خان پٺاڻ، درگاھ جرار پھوڙ جي حافظ عزيز الله پھوڙ، مولانا غلام قادر بروهي جن سان گڏ اليڪشن ورڪ تيز ڪري ڇڏي آھي، جي يو آءِ اميدوارن جي مان ۾  خانپور شھر ۾ عبدالرحيم آرائين، حاجي عبدالشڪور عباسي، سليم آرائين، اقبال احمد مغل، ڊاڪٽر غلام اصغر مڱڻھار، منظور احمد بروھي، شاه پسند بروھي، اشرف فاروق رزاق آرائين، آغاڻي برادريءَ جي استاد محمد يوسف آغاڻي، عطا حسين آغاڻي، زاھد سنڌو آغاڻي، عبدالوھاب لوھر، جن پاران آجياڻا پروگرام ڪيا ويا، جنهن  ۾ ميزبانن پاران  برادرين سان گڏ اين اي 192 تي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي ۽ پي ايس 07 تي  آغا تيمور خان پٺاڻ جي حمايت جلا اعلان ڪيا ويا آھن ، ان کان اڳ امير علي خان جتوئي ، آغا تيمور خان پٺاڻ،  حافظ عزيز الله پھوڙ جن جو گلن جي ورکا ڪندي استقبال ڪيا ويا ۽ اجرڪن جا تحفا ۽ گلن جا ھار پارايا ويا آخر ۾ راڄاڻي چؤڪ تي جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر  زاھد انصاري پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي امير علي خان جتوئي، آغا تيمور خان پٺاڻ جن جو چوڻ ھو ته 15 سالن کان اقتدار ۾ رھي آھي جن سنڌ کي تباھ ڪيو آھي، مولانا فضل الرحمان ۽ راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ۾ اليڪشن وڙھون پيا، عوام پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري، عوام جا ھمدر جي يو آءِ اميدوارن کي ڪامياب ڪن جيئن سنڌ کي سنواري سگھون، مخالف اميدوارن کي 8 فيبروريءَ تي خبر پوندي ته عوام ڪتاب کي ڪامياب ڪري عوامي نمائندن کي ايوانن ۾ پهچائيندو، 8 فيبروريءَ تي صرف ڪتاب ئي ڪتاب نظر ايندو.