خانپور (ن پ ا) خانپور ۾ بدامني ۽ ڦر جي وارڌاتن خلاف پھوڙ برادري جي ماڻھن ۽ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي بشير پھوڙ، شھداد پھوڙ، الطاف، محمد حنيف ۽ ٻين چيو ته خانپور روڊ مسافرن لاءِ غير محفوظ بڻيل آھي، ڏوھارين کي کليل ڇوٽ مليل آھي، پوليس جي رٽ مڪمل طور ختم نظر اچي پئي، هنن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ سميت ٻيا پوليس آفيسر امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، ھر روز شھرين کان ڏينھن  ڏٺي موٽرسائيڪلون ۽ لکين روپيا ڦرجي وڃن ٿا پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته ڦرن ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري امن ڪرايو وڃي.