شڪارپور/خانپور/رستم(رپورٽ: وحيد بروھي+ عاصم دايو+ طيب انقلابي) شڪارپور جي ڪوٽ شاھو جي ڪچي ۾ ڏوھارين 2 اھلڪارن کي شھيد ڪري ڇڏيو، خانپور جي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ويھه ميل کان ھيٺ ڳوٺ خانڻ مصراڻي جتوئي ۾ ڪٽو ڪرسي گينگ خلاف پوليس ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ 2 اھلڪار شھيد ۽ ايس ايچ او سميت 2 اھلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس ذريعن مطابق ڪٽو ڪرسي جتوئي ٽولي جي هٿياربندن پوليس تي حملو ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پوليس اھلڪار نور محمد ڀيو ۽ خانگي فورس جو اھلڪار عبدالستار بروھي شھيد ٿي ويا، جڏھن ته اھلڪار مان ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي ايس ايچ او مقرر ڪيل رفيق مارفاڻي ۽ اھلڪار فاروق ميراڻي زخمي ٿي پيا، پوليس مطابق زخمي اھلڪار نور محمد ڀيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو پر ھو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڏوھارين يرغمال بڻائي خانگي فورس جي اھلڪار عبدالستار بروھي کي پڻ شھيد ڪري ڇڏيو، ذريعن مطابق شھيد ڪيل ستار بروھي جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين ڏوھارين وٽ يرغمال رھيو، شڪارپور پوليس راڄوڻي ڪوششن ذريعي شھيد اھلڪار جو لاش ۽ زخمي ايس ايڇ او رفيق مارفاڻي ۽ فاروق ميراڻي کي ڏوھارين کان ڇڏائي ورتو، ٻي طرف پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران 8 جوابدارن کي زخمي ڪيو ويو آهي.
مغوي بازياب ڪرائڻ ويندڙ پوليس کي رستي ۾ ڏوهارين يرغمال بڻايو
شڪارپور: شڪارپور پوليس ٽانوري برادري جي چئن مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ ڪارروائي ڪرڻ وڃي رھي ھئي ته رستي ۾ ئي ڏوھارين گھيرو ڪري پوليس مٿان حملو ڪيو، جنھن ۾ اھلڪار عبدالستار بروھي ٿڏي تي شھيد ٿيو ۽ ٻيو اھلڪار نور محمد ڀيو شھيد ٿي ويو.2 اھلڪار زخمي ٿي پيا.
سئوٽ عبدالستار بروهي پوليس ۾ ڪجهه مھينا اڳ ڀرتي ٿيو ھو: غلام سرور بروھي
خانپور: آپريشن دوران شھيد ٿيل پرائيويٽ فورس ۾ ڪم ڪندڙ عبدالستار بروھي چاڳڻ ڀرسان ڳوٺ حاجي خان بروھي جو رھواسي آهي، جيڪو غيرشادي شد ه ھو، شھيد ٿيل عبدالستار بروھي جي سئوٽ غلام سرور بروھي ٻڌايو ته منھنجو سئوٽ پوليس ۾ ڪجهه مھينا اڳ ڀرتي ٿيو ھو، اسان کي پنهنجي سئوٽ جي شھادت تي فخر آهي.
شڪارپور پوليس هيڊڪوارٽر ۾ شھيد اهلڪارن جي جنازي نماز ادا
شڪارپور: ڏوھارين جي حملي ۾ شھيد پوليس اهلڪار نور احمد ڀيو ۽ عبدالستار بروھي جي جنازي نماز پوليس ھيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي، (اڄ ٻنھي اھلڪارن جي جنازي نماز سندن ڳوٺن ۾ ادا ڪئي ويندي.
اهلڪار نورمحمد روزي سان هو، ڀاءُ جي شهادت تي فخر آهي: منير احمد ڀيو
خانپور: شھيد اھلڪار نور محمد ڀيو جي وارثن ڀاءُ منير احمد ڀيو۽ ٻين جو چوڻ ھو ته نور محمد کي ٽن پٽن سميت ھڪ نياڻي جي اولاد پڻ آهي، شھيد اھلڪار روزي سان پڻ ھو، اسان کي پنهنجي ڀاءُ جي شھادت تي فخر آهي.