خانپور(ن پ ا) خانپور ٿاڻي جو ايس ايچ او ۽ وڏو منشي بدلي ٿيڻ بعد ٿاڻو ٽن ڏينهن کان بغير ايس ايچ او ۽ وڏي منشي جي ھلڻ لڳو آهي. ڏوھارين جا ٽولا خانپور شھر ۾ پوليس جيان ھٿيارن سان گشت ڪرڻ لڳا آهن، جنهن سبب شھرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي. شھر جي سياسي سماجي مذھبي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن محمد سليم مولوي عنايت الله بروھي سيف اڪبر اصغر علي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ايس ايچ او خانپور طفيل احمداڻي جي بدلي ڪري خانپور شھر واسين سان ناانصافي ڪئي آهي، طفيل احمداڻي جي بدلي ٿيڻ بعد وڏو منشي به پاڻ مرادو چارج ڇڏي روانو ٿي ويو آهي، ايس ايچ او جي بدلي کان پوءِ خانپور شھر ۾ ڏوھاري به پوليس جيان ھٿيارکڻي نمائش ڪري رھيا آھن ۽ پوليس جيان شھر جو گشت ڪندي نظر اچن. شھر جي لطف شاهه پير وٽان استاد عبدالفتاح دايو کان نامعلوم ھٿياربند سي ڊي موٽرسائيڪل روڪ رقم موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن،

 

اڳواڻن آءِ جي سنڌ ۽ گھرو وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته طفيل احمداڻي کي واپس خانپور ۾ مقرر ڪيو وڃي ته  جيئن شھر ۾ امن امان قائم رھي  نه  ته  خانپور جا شھري ڀرپور احتجاج ڪندا.