خانپور (ن پ ا ) خانپورٽائون انتظاميا جي نااهلي سببب ڊسپوزل بند ھجڻ ڪري نيڪال وارو پاڻي قديمي قبرستانن بھار شاهه ۽ طالب شاهه بخاري ۾ ڪاھي پيو، قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون، ڪائونسلر علي مراد سيٺار، نديم بلوچ، حافظ محمد سليم آرائين، مولانا عنايت الله بروھي جن جي اڳواڻيءَ ۾ ٽائون آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندا شهر جي مسئلن کان لاتعلق بڻجي ويا آهن، ڊرينيج جون اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي جيئرن لاءِ ته آزار بڻيل آھي، پر قبرستانن ۾ اسان جي وڏڙن جي قبرن کي لوڙھي رھيو آھي، ٻئي طرف ڪائونسلر ناظم حسين آرائين مظاهرين کي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.