خانپور (ن پ ا) خانپور ٿاڻي جي حد داروغو پوليس پڪٽ ڀرسان شڪارپور کان سبزي ۽ فروٽ کڻي ايندڙ ڊاٽسن کي ٽن نامعلوم ھٿياربندن پاران ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي واپاري ۽ ڊاٽسن جي مالڪ نور محمد انصاري ۽ سندس ڀاءُ شير محمد انصاري کان ھڪ لک روڪ رقم ۽ 2 موبائيل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف واپارين نورمحمد انصاري، شير محمد انصاري، عبدالسميع ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، پوليس موجب شڪ جي بنياد تي ممتاز شاھ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.